Showing posts with label Sindhi Write-ups. Show all posts
Showing posts with label Sindhi Write-ups. Show all posts

Friday, July 19, 2013

پالو ڪوئلهو جي ناول “دي الڪيمسٽ” جو مختصر تعارف ۽ انجي سنڌي ترجمي ۾ فني ڪوتاهيون!روزاني مهراڻ

پالو ڪوئلهو جي ناول “The Alchemist” جو مختصر تعارف ۽ انجي سنڌي ترجمي ۾ فني ڪوتاهيون!

علمي، ادبي ۽ روحاني مَنڊلين ۾ پالو ڪوئلهو کي جديد دور جو زندهه درويش ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ناول                  “ڪيمانگر The Alchemist” پڙهڻ کانپوء واقعي ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاء محسوس نه ٿو ٿئي. هي ناول پُرتگالي ٻوليء مان انگريزيء ۾ ترجمو ٿيڻ کانپوء پوري دنيا ۾ مڃتا جي اوچائين تي پهچي ويو. گِنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ هن ڪتاب جو نالو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب جي طور تي شامل آهي. جنهن کانپوء اڄ تائين هي ڪتاب لڳ ڀڳ دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چُڪو آهي، ۽ ڏهن سالن تائين آمريڪا ۾ بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتاب جو خطاب پڻ ماڻي چڪو آهي. سندس ٻين ناولن ۾؛
Eleven Minutes, By the River Piedra I Sat Down and Wept, Veronika Decides to Die, The Winner Stands Alone, Manual of the Warrior of Light, The Zahir, The Devil and Miss Prym, The Fifth Mountain, The Witch of Portobello, The Valkyries, Like the Flowing River,       آهن.Aleph, Brida,Life, Manuscript Found in Accra
 هَينري مِلر واري ڳالهه ته، “ الماڙيء ۾ رکيل ڪتابُ ناڪارا هٿيار وانگي آهي.” سو منهنجي لاء هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو نا ممڪن هو ته باقي ڪتابن وانگي هن ڪتاب کي به يا ته اڌ قيمت ۾ وڪرو ڪري نئون ڪتاب خريد ڪجي ها يا وري ڪتابن جي الماڙيء ۾ سجائي رکي ڇڏجي ها.  سو ٻه سال اڳ جڏهن هن ڪتاب کي پڙهڻ سان گڏوگڏ ترجمو ڪرڻ جو پڻ پڪو پهه ڪيم ته ذهن ۾ اها ئي ڳالهه هئي ته هن جهڙو ناياب ڪتاب اڃا تائين سنڌي ادب جو حصو ڇو نه بڻجي سگھيو آهي. هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ جو سبب منهنجي ان ڪيفيت ۾ وڃڻ جي ڪوشش پڻ هئي جنهن ڪيفيت ۾ اهو ڪتاب اصل ليکڪ لکيو آهي. ڪتاب جو ترجمو شروع ٿيو، پر بدقسمتي اها رهي ته صرف ڪجھ ئي صفحا ترجمو ڪرڻ کانپوء زماني جي لاهن چاڙهن جي ور چڙهي ويس، ۽ پورا ٻه سال اهو ڪتاب الماڙيء جي زينت بڻيو رهيو. ٻن سالن کانپوء ٻيهر ان ڪتاب پڙهڻ ۽ انکي ترجمو ڪرڻ جو شوق جاڳيو، ان جو سبب اهو هو ته هي اهو ڪتاب آهي جيڪو زندگيء جي ڀوڳنائن، ڪشالن ۽ تڪليفن کي سمجھڻ، انهن کي حل ڪرڻ ۽ انهن تي ثابت قدم رهڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. زندگيء جي چوواٽن ۾ ڀٽڪي ويل اهڙا ارواح جيڪي همت هاري ويٺا آهن ۽ پاڻ کي پنهنجي منزل ڳولڻ جي بدران زندگيء جي تيز وهڪري جي حوالي ڪري ڇڏيواٿن، انهن جي لاء هن ڪتاب ۾ رهنمائي آهي.
 هن ڪتاب ۾ ليکڪ جي ڪاريگريء جو هڪ بهترين انداز اهو آهي ته هن خيالي دنيا (Fantasy World) کي حقيقي دنيا (Real World) سان جهڙي طرح مطابقت ۾ رکيو آهي ان جو مثال Fantasy ياFiction  جي ڪنهن ٻئي ناول ۾ ورلي ملي ٿو. هونئن ته سڄو جو سڄو ڪتاب ڪنهن عجوبا کان گھٽ ناهي، اهو ئي سبب آهي جو ايترا سال گذرڻ کانپوء به ان ڪتاب جي ڇاپ پڙهندڙن جي دلين تي اُڪري چڪي آهي، سو هن ڪتاب جي هڪ اڌ جملي جو ترجمو پيش ڪندو هلجي، “ماڻهو چاهين ٿا ته اڳلو سندن مرضيء پٽاندڙ پاڻ ۾ تبديلي آڻي. پر جڏهن ڪو شخص سندن مرضيء تي نه ٿو هلي ته هو ڪاوڙجيو پون. هر ڪنهن کي اها چڱي ريت پروڙ آهي ته ٻين کي زندگي ڪيئن گذارڻ گھرجي، پر پنهنجي زندگي ڪيئن گذارجي اهو سوچڻ لاء ڪو به تيار ناهي.”  هن ناول جو تَتُ يا اصل مقصد ۽ بنياد هن جملي تي رکيو ويو آهي ته، “ جڏهن توهان ڪنهن شيء جي خواهش ڪيو ٿا ته، سموري ڪائنات ان کي ماڻڻ جي منصوبي ۾ اوهانجي واهَرَ ڪري ٿي.”
هاڻ اچجي اصل ڳالهه تي، جنهن جي لاء قلم کڻڻ جي ضرورت پيش پئي. جڏهن هن ڪتاب جو سنڌيء ۾ ترجمو پورو ڪرڻ وارو هئس ته اها خبر ملي ته هي ڪتاب اڳ ۾ ئي هڪ جوڌي جوان پاران سنڌيء ۾ ترجمو ٿي ڇپجي به چڪو آهي. اها ڳالهه ٻڌي مونکي ڪا تڪليف ڪو صدمو نه رسيو، پر سَرَهو ٿيس ته سنڌي ادب ۾ جنهن ناياب ڪتاب جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي سا هاڻ پوري ٿي. ان دوران ئي ان سنڌي ترجمي کي پڙهڻ جو موقعو مليو. پر اهو ترجمو پڙهندي مونکي اچرج به ٿيو ۽ مايوسي به ٿي. سنڌيڪار ڪتاب جي ڪردارن جا نالا مٽائڻ سان گڏو گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي فَني ڪوتاهيون ڪيو آهن، جن سان ڪتاب جي اصل روح تائين پهچڻ ناممڪن آهي.
انهن مان ڪجھ غلطين جي وضاحت هت ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. هڪ ته ناول جي مکيه ڪردار جو نالو ناصر نه پر سانتياگو آهي، ٻيو ته سانتياگو جنهن بادشاهه سان مليو انجو نالو عبدالله نه پر مالڪي زيڊڪ هو. مالڪي زيڊڪ دراصل يهودين جي روحاني رهبرَ طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي عبدالله جو نالو ڏئي سنڌيڪار ڪهاڻيء جو پس منظر تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ ليکڪ جي ساک کي پڻ هاڃو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته هن ڪتاب کي اصل پُرتگالي ٻوليء مان انگريزي ٻوليء ۾ ترجمي ڪرڻ واري ايلن.آر.ڪليرڪ ڪتاب جي هڪ هڪ لفظ ۽ جُملي کي جيئن جو تيئن انگريزيء ۾ بيان ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي . ترجمي ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته اصلي ڪتاب ۾ بيان ڪيل حالتن، واقعن، جڳهين، ڪردارن کي سڌو سنئون ٻي ٻوليء ۾ منتقل ڪجي ته جيئن پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڪتاب پڙهڻ کانپوء ان بابت ڪو حتمي نتيجو اخذ ڪرڻ کان پهريائين اهي سڀ شيون جيئين جو تيئن موجود هجن.
هڪ ٻي فَني غلطي جيڪا سنڌيڪار کان ٿي آهي، اها هن ريت آهي ته، ناول ۾ ٻن پٿرن (يُورِم ۽ ٿُومِم) جو ذڪر ٿيل آهي. عبراني ٻوليء ۾ يُورِم جو معنى آهي ‘روشني‘ ۽ ٿُومِم جي معنى آهي ‘ڪماليت’.  يهودي عقيدن جي مطابق هنن پٿرن کي الهامي پٿر سمجھيو وڃي ٿو ۽ يهودي  پادري (رَبي) خدا کان رهنمائي حاصل ڪرڻ لاء هنن جو استعمال ڪندا آهن. پر سنڌيڪار پنهنجي ترجمي ۾ انهن پٿرن کي اصل نالن جي بدران ياقوت ۽ مرجان ڪوٺيو آهي. جڏهن ته اصل ناول ۾ انهن پٿرن جو رنگ اڇو ۽ ڪارو آهي، ۽ ڪجھ تحقيق ڪرڻ کانپوء ان ڳالهه جي تصديق پڻ ٿي، پر سنڌيڪار جي ترجمي ۾ استعمال ٿيل ياقوت ته رنگ جو ڳاڙهو ٿئي ٿو. 
  ڪتاب جي نالي جي ترجمي ‘ڪيمياگر’ سان ڪو خاص اختلاف ناهي. پر، 1910 واري پرمانند ميوارام واري سنڌي لُغت جيڪا سنڌ جي علمي ۽ اَدبي وايي منڊل ۾ هڪ مُستَنَد سنڌي لُغت سمجھي وڃي ٿي ۽ انجو هڪ نُسخو بِرٽش ميوزيم ۾ پڻ رکيل آهي، ته اُن مطابق The Alchemist  جي معنى ڪيمياگر نه پر ڪيمانگر آهي. تنهنڪري  ڪيمانگر استعمال ڪرڻ سان ترجمي جي ساک قائم رهي سگھي ٿي.
اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي فَني غلطيون ڪتاب جي ترجمي ۾ موجود آهن جن سان ليکڪ جو اصل پيغام پڙهڻ وارن تائين صحيح نموني نه پهچي سگھيو آهي. ان ترجمي مان اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته مُترجم ناول جو اصل پيغام پڙهندڙن تائين رسائڻ جي بجاء پنهنجو سنڌي ٻوليء تي اُبور پيش ڪيو آهي.  

هي سڀ ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد سنڌيڪار يا پبلشر جي ساک کي هاڃو رسائڻ بالڪل ناهي، پر انهن مڙني سنڌيڪار دوستن ۽ پبلشرز جي لاء هٿ ٻڌي هڪ فقيراڻو عرض آهي ته مهرباني ڪري ٻاهرئين ادب جا بهترين ۽ گھڻي کان گھڻا ڪتاب سنڌي ٻوليء ۾ آندا وڃن، ته جيئن سنڌ جي ادبي، علمي، سياسي، سماجي ۽ روحاني ميدانن ۾ رهجي ويل خالَ ڀري سگھجن، پر انهن ڪتابن جي ڇاپڻ کان اڳ انهن جي ٿيل ترجمي جي مڪمل جاچ پڙتال ۽ اصل ڪتاب سان پوري پوري ڀيٽا ڪئي وڃي ۽ ترجمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڦَير گھيرنه ڪئي وڃي ته جيئن اصل ليکڪ جي محنت اجائي نه وڃي. ٻيو ننڍڙو عرض انهن سنڌي نقاد دوستن کي به آهي ته مهرباني ڪري دوستي ياريء ۾ ونگار وهي هرو ڀرو پنهنجا قيمتي لفظ ضايع ڪرڻ کان چڱو آهي ته پنهنجي تنقيدي صلاحيتن جو گھيرو تنگ ۽ مضبوط رکيو وڃي ته جيئن پڙهندڙن کي ۽ سنڌ کي سٺي کان سٺا ليکڪ ۽ مترجم مهيا ٿي سگھن. ڇاڪاڻ جو سنڌي ادب کي هاڻ ڪوانٽٽي .
جي نه پر ڪوالٽيء جي ضرورت آهي


Sunday, July 7, 2013

سنڌ جي تاريخ جا هيڻا بنياد ! روزاني مهراڻ

سنڌ جي تاريخ جا هيڻا بنياد !
نه مان اديب نه ڪو مفڪر نه ڪو تاريخدان، نه منهنجا ابا ڏاڏا ان مشغلي ۾ هئا. مان ڳالهه ڪندس پنهنجي ادنى سوچ سمجھ جي حساب سان، پنهنجي محدود مينٽل ايپروچ جي حساب سان. سوچڻ سمجھڻ لاء الله سائينءَ دماغ ته ڏنو آهي نه، پوء جيڪڏهن انکي صحيح وقت ۽ موقعي تي استعمال نه ڪجي ته به ٿي نا شڪري. سو ڳالهين جون ڳنڍيون کولبيون وڃبيون پوء ڏسئون ٿا ته ڪاٿي ٿا پهچئون. مونکي اها به پروڙ آهي ته جنهن نانگ جي ٻِرَ ۾ مان هٿ پيو وجھان، ان جو نتيجو به ڀوڳڻو پوندو، گھڻو ڪجھ ٻڌڻو به پوندو. پر مونکان ٻيلي رهيو نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ جو اهو سوال آهي سنڌ جو، سنڌين جو ۽ سنڌ جي تاريخ جو. ظاهر آهي سنڌي هجڻ ڪري اسان تي فرض آهي ته اسين پنهنجي سنڌ جي تاريخي واقعن، مختلف وقتن ۾ ٿيندڙ ڪاهُن ۽ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ شخصيتن جي بابت ٿوري گھڻي ڄاڻ ته ضرور رکون.
هن ننڍڙيء تمهيد کانپوء سنڌ جي تاريخ بابت ڪجھ ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ لازمي آهي، هڪ آهي “چچ نامو”، “تاريخِ معصومي” ۽ “سنڌوديش”. ان ئي مضمون تي هڪ ٻيو ڪتاب “تحفته الڪرام” پڻ آهي، پر مٿي ذڪر ڪيل ٽن ڪتابن جي مطالعي کانپوء چوٿين ڪتاب جي مطالعي جي سگھ به ڪانه رهي نه وري ضرورت محسوس ٿي. سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن هنن ڪتابن جو ضرور مطالعو ڪيو هوندو، ۽ مختلف ذريعن سان انهن ڪتابن جي بابت پنهنجي راء پڻ ڏني هوندي. ۽ “جمهوريت آهي پنهنجي پنهنجي راء ڏيڻ جو حق هر ڪنهن کي آهي،” واري ڳالهه به ضرور ڪئي هوندي. مڙني دوستن جي راء اکين تي. ٻي ڳالهه، اهو واضح رهي ته هن ليک ۾ نه اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڪير هيرو هو ۽ ڪيرو زيرو هو، نه وري اهو ته ڪهڙو ڪتاب صحيح آهي ڪهڙو غلط. انهن ٽنهي ڪتابن جي مطالعي کانپوء عام رواجي سوالن ۽ بحث کان هٽي ڪري ڪجھ نوان سوال اڀريا، جن جو ذڪر سنڌي هجڻ جي ناتي لازم ٿي پيو ۽ انهن سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ به مون پنهنجو حق سمجھيو. انهن سوالن جو ذڪر اڳتي هلي ايندو.
ڳالهه شروع ڪجي چچ نامي کان. هي ڪتاب اصل ۾ عربيء ۾ لکيو ويو هو، جنهن جي اصل تاريخ ۽ اصل ليکڪ جو پتو نه پئجي سگھيو آهي. سنڌ ۾ هي ڪتاب فارسيء جي ترجمي سان پهتو، جيڪو سنه 613 هجري ڌاري علي ڪوفي ڪيو هو. تنهن کانپوء سائين مرزا قليچ بيگ  هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو ڪري سنه 1900ع ڌاري ڪمشنر پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. پوءِ سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ٻوليء جي خدمت کي پنهنجو فرض سمجھي ان فارسي ڪتاب جي سنڌيء ۾ ترجمي جي ذميواري سائين مخدوم امير احمد کي سونپي، جن جي جاکوڙ سان سنه 1954ع  ڌاري هن ڪتاب جو پهريون سنڌي ترجمو پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي سائين مرزا قليچ بيگ صاحب واري انگريزي ڪتاب جي مهاڳ ۾ سائين اها ته ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته هي ڪتاب تاريخِ معصومي ۽ تحفته الڪرام کان به پراڻو آهي سو انهن ٻنهي ڪتابن جو بنياد پڻ گھڻي قدر چچنامي تي ئي رکيل آهي. ۽ اها واقعي حقيقت به آهي ته تاريخِ معصومي ۽ چچنامي جي مطالعي کانپوء انهن ٻنهي ڪتابن ۾ پيش آيل حالتن ۽ واقعن ۾ ٿوري گھڻي فرق سان مُشابهت ضرور نظر اچي ٿي.
ٻئي پاسي وري سائين جي.ايم.سيد جي ڪتاب سنڌوديش مان ڪجھ حوالن جي مطالعي کانپوء اهو نتيجو اخذ ٿيو ته مٿي ڄاڻايل ڪتابن(چچنامو،تاريخ معصومي،تحفته الڪرام) ۾ بيان ڪيل تاريخ هن ڪتاب سان ڪنهن به ريت مشابهت ۾ ناهي. انهن ڪتابن ۾ راجا ڏاهر جي پيء چچ جي رعيت سان ڪيل ظلمن جو ذڪر آهي، ته ڪيئن هن تخت حاصل ڪرڻ لاء راڻي سونهن ديويء سان ملي ڪري ڪيترائي سنڌي مارائي راجا ساهسي راء جو تخت حاصل ڪيو، ۽ پنهنجي سلطنت کي وسيع ڪرڻ لاء ڪيتري بي رحميء سان هن مختلف بادشاهن جا تخت اونڌا ڪيا ۽ ڪهڙي ڌوڪي سان هن راجا ساهسيء جي ڀاء ۽ تخت جي اصل حقدار مهرٿ کي جنگ ۾ قتل ڪيو ۽ سندس پٽ ڏاهر ڪٽر برهمڻ هجڻ جي باوجود نجومين جي چوڻ تي تخت بچائڻ لاء پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪري پنهنجي ڀاء ڏهرسين جي حڪم ۽ پنهنجي ڌرم کي پڻ پُٺي ڏني. راجا ڏاهر جي عربن سان جنگين بابت ڪيترائي واقعا ڪجھ اهڙي نموني بيان ڪيا ويا آهن جو سنڌ جي انهن حاڪمن جي متنازعه شخصيت جو اندازو ڪو به شخص آسانيء سان لڳائي سگھي ٿو. جڏهن ته ڪتاب سنڌوديش ۾ انهن سڀني ڳالهين جي ڀرپور نفي ڪئي وئي آهي ۽ راجا ڏاهر جي اميج کي درست ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي آهي.
هاڻي مون جهڙو ايوريج دماغ رکڻ وارو سنڌي جڏهن تاريخ ۾ دلچسپي وٺي انهن ڪتابن جو مطالعو شروع ڪري ٿو ته کيس  اُٿندي ئي سنڌ جي تاريخ ٻن حصن ۾ ورهايل ملي ٿي ته ڪيترائي ناڪاري سوال ذهن ۾ اُڀريو اچن. هڪ سوال ته اسين سنڌي جيڪي پاڻ کي مُتحد سڏرائيندا رهون ٿا ۽ پاڻ کي صدين جي تاريخ جو مالڪ ۽ علمبردار سڏرايون ٿا سي پاڻ ۾ پنهنجي تواريخ تي ئي اڃا متفق ناهيون ٿيا ته پوء باقي محاذن تي پاڻ کي متحد ڪوٺائڻ صرف هڪ خام خيالي ئي ٿي سگھي ٿي. ۽ ان ئي متنازعه تاريخ جي ڪتابن جي بنياد تي اسين سنڌي ٻن گروهن ۾ ورهائجي چڪا آهيون. هڪ گروهه ان تاريخ کي مذهب جي بنياد تي اڳتي وٺي ٿو هلي ۽ ٻيو گروه ان تاريخ کي قوميت جي بنياد تي هلائي رهيو آهي. اهي ٻئي گروهه اڃا وڌيڪ گروهن ۾ ورهايل آهن. هاڻ ان ڳالهه جو فيصلو ڪير ڪري ته ڪهڙو ڪتاب صحيح تواريخ بيان ٿو ڪري ۽ ڪهڙو غلط سمت ۾ وٺيو وڃي. جيئن سنڌ جي تاريخ جو قديم ۽ بنيادي ڪوٺايو ويندڙ ڪتاب چچنامو پڻ هڪ لحاظ کان غلطين سان ڀريل ڪتاب آهي جنهن جو اعتراف مترجم پڻ ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌ ڪيو آهي، جيئن هڪ هنڌ ٻڌايو ويو ته چچ کي راڻي سونهن ديويء مان هڪ ڌيءُ به هئي، پر ٻي جڳهه تي وري راجا ڏاهر سندس ئي ڀيڻ کي جَتِڻ ڪوٺيو آهي. ٻين به ڪيترين ئي اهڙين غلطين جي نشاندهي مترجم ڪتاب ۾ ڪئي آهي جنهن جو هت ذڪر ڳالهه کي جهڙو ٿيندو هرو ڀرو وڌائڻ. هاڻ جيڪڏهن ايتري قديم ۽ مستند سمجھيو ويندڙ سنڌي تاريخ جي ڪتاب ۾ اهڙيون غلطيون سامهون اچي وڃن ته پوء باقي ڪتابن تي ڀلا ڪهڙو وڃي ڀروسو رهيو.
ٻئي پاسي وري “سنڌوديش” ڪتاب ۾ تاريخ کي ويڪ سمجھڻ لاء وري حوالي طور  چچنامي ۽ البلاذري جي ڪتاب “ڪتاب فتوح البلدان” جو ذڪر ڪيل آهي، جڏهن ته چچنامي ۾ موجود غلطين جو ذڪر به ٿي چڪو، پر البلاذري جي بابت وري اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي ته هن اهو ڪتاب هڪ ٻئي عرب موءرخ المدائني جي زباني ڪلامي احوالن تي ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ البلاذري وقت سر ۽ ضرورت آهر تبديليون پڻ ڪيون آهن.
هيء چوڻي جنهن به چئي آهي، ڳالهه ته برحق ڪئي اٿس،“اهي قومون جيڪي پنهنجي تاريخ مان سبق نه ٿيون پرائين، تاريخ اهڙين قومن تي پاڻ کي ورجائيندي رهي ٿي،” پر جنهن قوم جي تاريخ جا بنياد ئي هيڻا هجن اها قوم ڪاڏي وڃي؟ پر اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي ته  ان وقت جي هيڏي وڏي عاليشان سنڌ ملڪ ۾ ڪو اهڙو سنڌي ڪاتب يا تاريخدان ئي نه هو جو کڻي تاريخ رقم ڪري ها، اهو ڪم به عربن کي ڪرڻو پيو، جن جي ڳالهه کي اسين مڃڻ لاء تيار ئي ناهيون.

هاڻ اهي سڀ ڳالهيون ٻڌڻ، پڙهڻ ۽ سمجھڻ کانپوء منهنجي سوچ جي سئي هڪ جاء تي اٽڪي بيٺي آهي ته، ڇا سنڌ جي تاريخ جو ڪو اهڙو ڪتاب اسانوٽ موجود آهي جنهن تي سنڌ جا سڀ عالم، اديب،تاريخدان ۽ مفڪر مُتفق هجن؟ ٻيو سوال هن بندي جي ڪچي ذهن ۾ اهو ٿو اُڀري اچي ته اها تاريخ جنهن تي ڪو متفق ئي ناهي ان کي پڙهڻ ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جو ڪو فائدو به آهي؟ سنڌي نصابي ڪتابن ۾ ته راجا ڏاهر سان گڏوگڏ محمد بن قاسم جو به ذڪر آهي، پوء ڪهڙي خبر ته هيرو ڪير هو يا زيرو ڪير هو. يا ته هڪ ڀيرو ٻيهر جاکوڙ ڪري پنهنجي سنڌ امڙ جي تاريخ کي سڀني جي راء سان هڪ طرفو ڪري ۽ اعتراض جوڳن نُقطن جي تصحيح ڪري اڳتي وڌجي يا وري ان بحث مُباحثي ۾ وقت ضايع ڪرڻ کان بهتر آهي ته  ماٺڙي ڪري ڪنڊ وٺي صوم صلات تي ڌيان ڏيون ۽ جي پُڄي سگھي ته پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل لاء جاکوڙ ڪندا رهون.
http://dailymehran.net/?p=12270

Friday, March 22, 2013

سعودي عرب ۾ ڪم سانگي آيل نوجوانن جا ٻڏندڙ خواب


سرڪاري اسڪول هجڻ جي باوجود ٽيوشن جي ضرورت آخر ڇو؟


http://www.awamiawaz.net/education-4 عوامي آواز 17 مارچ 2013
ٽيوشن سينٽرز جو رجحان پاڪستان سميت پوري دنيا ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري چڪو آهي. پاڪستان کان علاوه باقي دنيا جي سڌريل ملڪن ۾ ٽيوشن جو استعمال ڪنهن حد تائين صحيح مقصدن لاء ڪيو وڃي ٿو. مطلب ته جيڪڏهن ڪو ٻار ذهني طور تي ايترو قابل نه آهي جو اسڪول ۾ سٺيون مارڪون کڻي سگھي يا ڪنهن مخصوص سبجيڪٽ کي سمجھڻ ۾ کيس ڪا تڪليف آهي ته ان ٻار کي ٽيوشن سينٽرز تي موڪليو وڃي ٿو ته جيئن کيس ان خاص سبجيڪٽ کي سمجھڻ ۽ ان تي عبور حاصل ڪرڻ ۾ مدد ملي سگھي.
جڏهن ته پاڪسان ۾ ٽيوشن سينٽرز جي صورتحال باقي دنيا کان مختلف آهي. هت ٻار توڙي کڻي ذهين هجي يا موڳو،غريب هجي يا امير يا وچولي طبقي سان تعلق رکندڙ هجي، ان جي لاء ٽيوشن ته لازمي بڻجي چڪي آهي. سکيا ستابا والدين ته پنهنجن ٻارن کي سٺي کان سٺي ٽيوشن سينٽر تي سٺا گريڊز حاصل ڪرڻ کان علاوه معاشري ۾ پنهنجو مان مرتبو برقرار رکڻ لاء پڻ موڪلين ٿا.
سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن جي هجڻ جي باوجود ٽيوشن وٺڻ جي ضرورت آخر ڇو ٿي محسوس ٿئي؟ اهي ڪهڙا سبب آهن جن جي ڪري ٻارن ۽ والدين ۾ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي پڙهائيءَ تي بي يقيني پيدا ٿئي ٿي ۽ هو پنهنجو رخ ٽيوشن سينٽرز ڏانهن ڪن ٿا.
ڇا ٽيوشن ڪلچر کي هٿي وٺرائڻ ۾ وڏو هٿ ملڪ جي موجوده تعليمي نظام جي ناڪارا هجڻ جو آهي؟ انهن سوالن تي سوچڻ جي نه ڪڏهن اسان ڪوشش ڪئي آهي نه ڪنداسين.
بهرحال هن موضوع تي پوري پاڪستان ۾ سواء هڪ ٻن تحقيقن جي اسانوٽ ٻيو ڪجھ ناهي. ٽيوشن ڪلچر جي ناڪارا يا ڪار آمد هجڻ جو تعين ڪرڻ لاء ڪجھ اهم حقيقتن جي ڄاڻ اسان لاء اهو فيصلو ڪرڻ ۾ڪارآمد ثابت ٿي سگھي ٿي. اهي حقيقتون جيڪي ٽيوشن ڪلچر عام ٿيڻ جو سبب بڻيون آهن اهي ڪجھ هن ريت آهن،
1.               ڪلاس ۾ شاگردن جو تعداد 
 سڀ کان اهم ۽ وڏو مسئلو ڪلاس ۾ شاگردن جو تعداد آهي. هڪ ڪلاس ۾ سَٺ کان اَسي شاگردن کي هڪ وقت ۾ هڪ استاد صرف چاليهن منٽن تائين ڪهڙي توجھ ڏئي سگھي ٿو. نتيجو اهو نڪري ٿو ته ڪلاس ۾ استاد جي صحيح توجھ نه ملڻ ڪري مجبور ٿي ٻار ٽيوشن سينٽر وڃڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي سمجھي ٿو. اهو هڪ اهم مسئلو آهي جنهن کي جيڪڏهن جلد از جلد حل نه  ڪيو ويو ته صورتحال وڌيڪ خراب ٿيڻ جو امڪان آهي.
2.          استادن جي گھٽ پگھار ۽ باقي سهولتن جو نه هجڻ
  هي هڪ ٻيو اهم سبب آهي جنهن جي ڪري شاگردن کي ٽيوشن سينٽرن جو منهن ڪرڻو پوي ٿو. استادن جي گھٽ پگھار ۽ گورنمينٽ جي طرف کان ٻيون سهولتون نه هجڻ جي ڪري استادن کي به مجبورن ٽيوشن سينٽرز کانسواء ٻي ڪا واٽ نظر نه ٿي اچي ۽ هو ڪنهن نه ڪنهن ريت ٻارن کي ٽيوشن وٺڻ تي مجبور ڪريو ڇڏين. ان ڳالهه ڪرڻ ۾ بالڪل ڪو وڌاء  نه ٿيندو ته اسانوٽ ٽيوشن پڙهائڻ هڪ ڪاروبار جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي. استادن کي جيڪي ڪجهه ٻارن کي اسڪول ۾ سيکارڻو هو سو هو ٽيوشن جي ذريعي ڀرپور توجهه ڏيئي سيکاري رهيا آهن. صرف اتي ئي ڳالهه ختم ناهي پر ٻارن کي ٽيوشن وٺڻ لاء پريڪٽيڪلز ۾ فُل مارڪن ۽ امتحان ۾ ڦرا ۽ ڪارتوس پهچائڻ تائين جي ذميواري به انهن مظلوم استادن کي نڀائڻي ٿي پوي.
3.       امتحاني نظام
  پاڪستان جي اسڪولن ۾ امتحانن جو جو نظام ڪجھ هن ريت آهي ته ٻارن کي امتحانن جي تياريء لاء ڪلاس ۾ سڄو سال هر سبجيڪٽ جي بس سرسري معلومات ڏني وڃي ٿي. جڏهن ته امتحاني پرچي ۾ پوري سبجيڪٽ مان ڪٿان به ڪو به سوال اچڻ جي صورت ۾ ٻار منجھيو پون. جنهن سان ٻار ۾ رٽي هڻڻ Rote Learning   جو رجحان جنم وٺي ٿو. انجو نتيجو اهو نڪري ٿو ته ٻار آخرڪار مجبور ٿي ٽيوشن سينٽرز ڏانهن وڃن ٿا، ۽ اتي اهي ساڳيا ئي استاد ٻار کي ان سبجيڪٽ جي باري ۾ تفصيلي معلومات ڏين ٿا. جيڪڏهن اسڪول ۾ ئي ٻارن کي اهڙي تربيت ڏني وڃي جو ٻار امتحانن ۾ رٽا هڻي پاس ٿيڻ جي بجاء پنهنجي سبجيڪٽ تي ڀرپور ابور حاصل ڪري ڪجهه پنهنجي مدد پاڻ ڪجهه استادن جي مدد سان بهترين ڪارڪردگي ڏئي سگھن ٿا. ۽ اهو صرف ان صورت ۾ ممڪن آهي ته سالياني امتحاني نظام کي تبديل ڪري جيڪڏهن سيميسٽر وارو امتحاني نظام لاڳو ڪيو وڃي ته ٻارن تان پڙهائيء جو وزن هلڪو ٿي ويندو ۽ ٽيوشنز تي ٽائيم ۽ پئسو سيڙائڻ جي به ضرورت نه ٿيندي.
4.    والدين جي گھٽ توجھ ۽ گھٽ تعليم
 والدين جي پڙهيل لکيل هجڻ جا ٻارن جي تعليم تي بهترين اثر پون ٿا ۽ هو ٻارن کي سٺي توجهه ڏئي سگھن ٿا.اسانجي معاشري ۾ ٻارن جي تعليم جو ذميوار گھڻو ڪري ماءُ کي سمجھيو وڃي ٿو. ان مان سوال اهو ٿو اُڀري ته هت ڪيتريون مائون پڙهيل لکيل آهن؟ جيڪڏهن ڳالهه ڪجي ”ورڪنگ پيرنٽس“ جي، مطلب اهي والدين جيڪي نوڪريون ڪن ٿا ۽ تقريبن سڄو ڏينهن ٻاهر رهن ٿا ته ظاهر آهي ته انهن جي توجهه پڻ ٻارن جي تعليم ڏانهن گھٽ ٿيندي. ۽ اڄڪلهه ڪيترا اهڙا والدين آهن جيڪي ٻار کي شام جو گڏ ويهاري هوم ورڪ ڪرائين ٿا. ان سڄي صورتحال جو نتيجو اهو ٿو نڪري ته ٻارن کي ٽيوشن سينٽرز جي حوالي ڪيو ٿو وڃي.
مٿي بيان ڪيل سڀني مسئلن جو حل آخرڪار ٽيوشن سينٽرز تي ئي اچي ختم ٿئي ٿو. پر ڇا اهو ذهين شاگرد ٽيوشن افورڊ ڪري سگھي ٿو جنهن جو پئُ سڄو ڏينهن بس ٽي سو کان پنج سو جي ڏهاڙي ڪري ٿو؟ جڏهن ته ڪنهن به ٽيوشن سينٽر تي هڪ سبجيڪٽ جو معاوضو گھٽ ۾ گھٽ هڪ هزار روپيا آهي. ان غريب ۽ ذهين شاگرد جو ڇا ٿيندو جيڪو مشڪل سان پنهنجو پيٽ گذر ڪري رهيو آهي. اهو ته ٻنهي جهانن کان ويو. نه انکي اسڪول ۾ توجهه ملي نه هو ٽيوشن لاء وڃي سگھيو. اهڙا ڪيئي مثال اسنجي اردگرد موجود آهن جن ۾ ويچارا ذهين شاگرد اسانجي معاشري جي ٻٽي تعليمي معيار جي ڪري اڳتي وڌي نه سگھيا.
 ٻئي طرف هڪ ٻار جيڪو جيئن تيئن ڪري، ٽيوشن پڙهي، غير حل ٿيل پرچن تان مخصوص سوالن جي تياري ڪري يا ڦرا هڻي جڏهن يونيورسٽئَ تائين پهچي ٿو ته اُتي ان ٻار کي شروعات ۾ ٿوري تڪليف ضرور ٿئي ٿي. ڇاڪاڻ جو يونيورسٽي ۾ ته گروپ اسٽڊي يا سيلف اسٽڊي کان علاوه ٽيوشن وغيره جو رجحان ته نه جي برابر آهي. پوء جڏهن هو آهستي آهستي ماحول کي سمجھي چار يا پنج سال پنهنجو ذهن ۽ قابليت استعمال ڪري ڊگري وٺي ٿو ته سندس خوشئَ جي انتها نه ٿي رهي. جيڪڏهن ان ساڳئي ٻار کي سيلف اِسٽڊي ۽ گروپ اِسٽڊي واري تربيت بنيادي تعليم کان وٺي ڏني وڃي ها ته والدين جا پئسا به بچن ها ۽ ٻار جو قيمتي وقت به، جنهن ۾ هو ٽيوشن پڙهڻ واري وقت ۾ راند روند ۽ ٻين صحتمند ايڪٽوٽيز ۾ حصو وٺي پڙهائي سان گڏوگڏ جسماني ۽ ذهني طور تي صحتمند رهي شايد اڃا ڪجھ اهڙو بهترين ڪم ڪري سگھي ها جنهن سندس والدين ۽ ملڪ جو نالو پڻ روشن ٿئي  ها.  A sound mind lives in A sound body   جي چوڻئ مان پڻ اها ڳالهه واضح ٿئي ٿي. مٿين ڳالهه تي ٿي سگھي ٿو ته ڪجھ پڙهندڙ دوستن کي اختلاف هجي ۽ سندن ذهنن ۾ اها ڳالهه اُڀري ته يونيورسٽي ۾ پهچڻ تائين ٻار جو ذهن ايترو پختو ٿي وڃي ٿو جو هو سيلف اِسٽدي جي قابل ٿي وڃي ٿو، جڏهن ته اسڪول يا ڪاليج تائين ٻار جو ذهن اڃا ڪچو هجڻ جي سبب کيس پڙهائيء ۾ مدد جي ضرورت پوندي رهي ٿي جيڪا صرف ۽ صرف ٽيوشن جي ذريعي ٿي سگھي ٿي. ته دوستن جي ان اعتراض جي اڳڪٿي ڪندي ان جي باري ۾ صرف ايترو چوڻ ڪافي رهندو ته اسڪول ۽ ڪاليج تائين جيڪڏهن ٻار جو ذهن ڪچو آهي ته ان ليول تي سليبس به ته ٻار جي ذهن مطابق ئي جوڙيو وڃي ٿو.
افسوس ته ان ڳالهه جو آهي ته اسان پنهنجي اولاد کي ٽيوشن سينٽرز جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي جتي موجود استادن لاء شايد پهرين ترجيح پئسو ئي آهي. جيڪڏهن انهن استادن کي واقعي تعليم عام ڪرڻ جي ايتري ئي گھرج هجي هان ته اها ته اسڪولن ۾ به ڪري سگھجي پئي. بهترين ۽ مهانگي ٽيوسن سينٽر تي پنهنجي ٻار کي موڪلي پئُ ته مطمئن ٿي اهو چئي ويهي رهيوته مون ته پنهنجو فرض پورو ڪيو هاڻ ٻار جو نصيب. ڇا پئُ جو فرض بس ايترو هو؟ اهو سوچڻ جو وقت ڪنهن وٽ آهي ته جيڪي پئسو اسان پنهنجي اولاد جي تعليم تي خرچ ڪري رهيا آهيون اهو سجايو به وڃي ٿو يا نه. اهو ڪير سوچي يا ڪير ان ڳالهه تي غورو فڪر ڪري ته جنهن به ٽيوشن سينٽر يا سرڪاري تعليمي اداري ۾ اسين پنهنجي ٻار کي موڪلي رهيا آهيون انجو قبلو درست آهي به يا نه. ڪجھ ڏينهن اڳ فيس بڪ تي هڪ ووٽنگ ڪرائي وئي، جنهن ۾سوال اهو پڇيو ويو ته ” ڇا ٽيوشن ڪلچر موجوده تعليمي نظام کي مضبوط ڪري رهيو آهي يا ناڪاره بڻائي رهيو آهي؟“ ان ووٽنگ کي فيس بڪ تي موجود پاڪستان ۾ مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ گروپن ۾ ۽ پيجن تي وڌ کان وڌ پکيڙيو ويو ته جيئن گھڻي کان گھڻا ماڻهو شرڪت ڪري سگھن. پڙهندڙن کي اهو ٻڌي بالڪل حيرت ڪانه ٿيندي ته ان سوال تي هڪ هفتي ۾ صرف ٽي ووٽ مليا جن جي راء اها هئي ته ٽيوشن ڪلچر موجوده تعليمي نظام کي ناڪاره بڻائي رهيو آهي. اهو آهي اسانجو حال.
ٽيوشن ڪلچر جي عام ٿيڻ سان گورنمينٽ جي تعليمي ادارن جي معيار تي جيڪو اثر پيو آهي ان کان شايد گورنمينٽ به چڱي طرح واقف آهي. جنهن جي ڪري ئي تعليمي بجيٽ ۾ ٻه سيڪڙو کان به گھٽ بجيٽ رکي وئي آهي. هاڻ گورنمينٽ کي صلاح اها ئي آهي ته ٽيوشن ڪلچر جي عام ٿيڻ سان  اها ٻه سيڪڙو بجيٽ ڪنهن ڪم جي ناهي، بهتر اهو ئي ٿيندو ته سرڪاري اسڪولن ۽ ڪاليجن کي بند ڪري اهي ٻه سيڪڙو به غريب مسڪين وزيرن ۽ بيوروڪريٽس جي ڪفالت لاء استعمال ڪيا وڃن، ڇاڪاڻ جو استادن جي پگھارن ۽ اسڪولن ۽ ڪاليجن جي مرمت لاء ايندڙ لکين ڪروڙين روپين جا فنڊَ نه ئي صحيح طريقي سان استعمال ڪيا وڃن ٿا نه ئي انهن جو ڪو حساب ڪتاب آهي. هونئن به گورنمينٽ جا اسڪول اڄڪلهه ته بس ”سرٽيفڪيٽ ايوارڊنگ اِنسٽيٽيوشنز“ بڻجي چڪا آهن.
فهيم اختر ميمڻ







خود اعتمادي، روشن مستقبل ڏانهن پهريون قدم


غربت جو خاتمو ممڪن آهي!


غربت ڪيئن پيداٿي؟ غربت ڪٿان آئي؟ ڇا ان مرض جو ڪارڻ غريب انسان پاڻ آهي يا اها سندس مٿان زبردستي مڙهي ويئي آهي؟مٿي پڇيل سوال اسان لاء ڪي نوان ناهن.اهي سوال هر دور ۾ اڀاريا ويا ۽ آئنده به اڀاريا ويندا. پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن سوالن جا جواب اسان وٽ هوندي به غربت جو خاتمو اڃا تائين ممڪن ٿي نه سگھيو آهي. حقيقت ۾ غربت اسانجي پنهنجي ٺاهيل نظام جي ئي پيداوار آهي.هن نظام ۾ غريب غريب تر ٿيندو ٿو وڃي ۽ امير امير تر.ثابت ٿيو ته هن نظام ۾ ئي ڪٿي نه ڪٿي خرابي آهي.هي اهو نظام آهي جتي غريب کي نه اٽي جو حق آهي نه اجھي جو، تعليم ۽ زندگيء جون ٻيون ضرورتون ته غريب ماڻهوء لاء ڄڻ هڪ خواب بڻجي ويون آهن. ڪيتريون ئي سماج سڌارڪ تنظيمون غربت جي خاتمي ۽ سماج ۾ سڌارا آڻڻ لاء ورهين کان سرگرم آهن پر اهو غربت جو جِن اڄ تائين ڪنهن جي به قابو ۾ نه اچي سگھيو آهي.اها غربت ئي آهي جنهن جي ڪري اڄ اسانجي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي. پڙهندڙ شايد اهو سوچين ته غربت جو امن امان سان ڪهڙو واسطو؟ غربت جو امن امان سان بالڪل سڌو سنئون واسطو آهي، جيئن هڪ خالي پيٽ بُکن جي پيڙهيل انسان کي اوهان ٻه وقت ماني ڏيو ۽ هڪ هٿ ۾ ڪو هٿيار ڏيو ته ان ماني جي احسان هيٺ اچي هو ڇا ڇا نه ڪندو.
اڄڪلهه پنهنجي چوگرد نظر ڦيرائجي ٿي ته هڪ ئي شهر ۾ ڪيتريون ئي غير سرڪاري تنظيمون غربت جي خاتمي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي نعرن سان پنهنجن ڪمن ۾ مصروف آهن، جن مان ڪجهه ته واقعي به پنهنجي پنهنجي ميدانن ۾ سٺو ڪم ڪري رهيون آهن، ان هوندي به اسانجي قوم آخر ايتري ڪسمپرسيء جي حالت ۾ ڇو آهي؟ شايد اهي تنظيمون بس امداد جي انتظار ۾ ئي آهن ته ڄاڻ بس امداد آئي ته وري ڪو نئون ڪارنامو ڪري ڏيکاريون. ۽ جي امداد نه آئي ته بس.
وري مثال ڏجي بينڪن جو ته ڪيتريون ئي اهڙيون بينڪون کلي ويون آهن جيڪي مائڪرو ڪريڊٽ جي نالي سان غريب غربي جي مدد لاء مارڪيٽ ۾ اچي ته ويون پر پوء به غريب ته اڃا به غريب ئي رهيو. هنن بينڪن حڪومت کي اهو چئي بينڪ کولڻ جي منظوري ورتي ته اسين غريب مسڪين ضرورتمندن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاء آسان قسطن تي قرض ڏيئي بس اِجھا ٿا خوشحالي آڻيون. پر اها ڪنهن کي خبر آهي ته سندن قائدا قانون ڪهڙا آهن. سندن قائدن قانونن تحت قرض وٺڻ جو اهل فقط اهو آهي جيڪو هڪ سال کان پنهنجو ڪو نه ڪو ڪاروبار هلائي رهيو آهي. هاڻ هنن کان ڪير پڇي ته جيڪو هڪ سال کان پنهنجو ڪاروبار هلائي رهيو آهي ڇا اهو واقعي غربت جي طع ٿيل زمري ۾ اچي به ٿو يا نه؟حقيقت ته اها آهي ته بينڪنگ جي اصولن تحت غريب ماڻهو قرض وٺڻ جو اهل ئي ناهي.
 اهو ته طع آهي ۽ ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته هي نظام غريب ماڻهوء کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪارا ٿي چڪو آهي.تنهنڪري هاڻ اسانوٽ ضرورت آهي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي. هن نظام ۾ تبديلي صرف ۽ صرف ڪنهن انقلاب سان ئي اچي سگھي ٿي. اهڙو انقلاب جيڪو ملڪ جي موجوده بدتر کان بدتر معاشي صورتحال کي بدلي ڇڏي. اهڙو انقلاب اسان وٽ اچي نه اچي پر اهڙي انقلاب جي شروعات بنگلاديش ۾ اڄ کان چاليهه سال اڳ ٿي چڪي هئي. پڙهندڙ جيڪي ان ڳالهه کان واقف ناهن سي ٿي سگھي ٿو اهو ٻڌي حيران ٿين ته بنگلاديش ۽ انقلاب؟ ته ان ۾ حيرت جي ڪا ئي ڳالهه نه آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ بنگلاديش جي پاڪستان کان عليهدگي کانپوء بنگلاديش جا حالات انتهائي ابتر حالت ۾ هئا. تڏهن بنگلاديش ڄائي ڊاڪٽر محمد يونس ان معاشي انقلاب جي ابتدا ڪري ورتي هئي. هي اهو ئي ڊاڪٽر محمد يونس آهي جنهن کي سندس نئين معاشي فارمولي تي 2006ع ۾ امن جي نوبل انعام سان نوازيو ويو.اهو سندس ان جديد معاشي فارمولي جو نتيجو ئي آهي جو اڄڪلهه دنيا جون بهترين ملٽي نيشنل ڪمپنيون بنگلاديش ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. سندس ان نئين ترز جي معاشي ماڊل جو نالو “سوشل بزنس” آهي.
اين.جي.اوز هجن يا بينڪنگ جو ميدان هجي، “سوشل بزنس” جي هن نئين فارمولي بنگلاديش جو پراڻو ۽ فرسودا نظام تبديل ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄڪلهه ته پوري دنيا ۾ ان نظام کي لاڳو ڪرڻ لاء ڪوششون هلي رهيون آهن.
سوشل بزس ۽ عام بزنس ۾ فرق ڪجھه هن ريت آهي ته عام بزنس ۾ سيڙپڪار صرف اهو ئي سوچي ٿو ته مون هيترا پئسا سيڙايا ۽ مونکي مقرر عرصي ۾ ڪيترو منافعو ٿيو، ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌ ۾ وڌ ڪيترو منافعو ڪمائي سگھجي ٿو ۽ ان بزنس کي اڳي کان وڏو ڪيئن ڪجي جو ٻيڻ تي منافعو ڪمائي سگھجي. ظاهر آهي اهو منافعو صرف ۽ صرف سندس ذات لاء ئي آهي، جيڪو عام طور تي هن بزنس جو اهم اصول به آهي. جڏهن ته سوشل بزنس ۾ ان ڳالهه کي ڏٺو وڃي ٿو ته مون هيترا پئسا سيڙايا ته ان سان هيترن ضرورتمندن کي فائدو ٿيو. هي فارمولا سرڪاري توڙي غير سرڪاري سماج سڌارڪ ۽ غربت جي خاتمي لاء ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ اهڙن ڪاروباري ماڻهن لاء جيڪي واقعي پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي غربت کان عاجو ڏسڻ چاهن ٿا هڪ بهترين فارمولو آهي.ان سان هڪ ته ٻاهرين امداد جو اوسيئڙو به لهي ٿو ۽ پاڻمرادو ئي معاشري جي بهتري لاء گھڻو ڪجھه ڪرڻ جو ذريعو پڻ بڻجي ٿو.
“سوشل بزنس” جو نالو اچي ۽ “گرامين بينڪ” جو نالو نه اچي ته هن اصطلاح کي سمجھڻ نا ممڪن آهي. 1983ع ۾ ان دور جي پراڻي ۽ فرسوده بينڪنگ سسٽم کان باغي ٿي ڊاڪٽر محمد يونس گرامين بينڪ جو بنياد رکيو. اهو پرا ڻو سسٽم جنهن تحت غريب بينڪ کان قرض کڻڻ جو اهل نه هو ۽ اڄ به ائين ئي آهي. پر گرامين بينڪ جي قائدن ۽ قانون تحت ان بينڪ مان صرف ۽ صرف غريب ئي قرض کڻڻ جو اهل آهي. جنهن قرض مان ماڻهو ڪو نه ڪو ننڍي پيماني تي ڪاروبار ڪري گھٽ ۾ گھٽ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگھي. گرامين بينڪ هڪ فلاحي بينڪ هجڻ جي ڪري جاري ٿيل قرضن تي عام بينڪن جي مقابلي ۾ تمام گھٽ منافعورکي ٿي جنهن جي ڪري ڪيترائي ضرورتمند فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. مائڪرو ڪريڊٽ ۽ سوشل بزنس جي باني ڊاڪٽر محمد يونس گرامين بينڪ مان نه صرف غريب ماڻهن لاء قرض جاري ڪيا پر هن سندس قرضدارن جي ٻارن کي تعليم ڏانهن به راغب ڪيو. گرامين بينڪ مان قرض وٺڻ وقت هڪ شرط جيڪو هر ڪنهن تي لاڳو ڪيو ويو، اِهو هو ته هر قرضدار پنهنجي ٻارن کي تعليم ضرور ڏياريندو. ۽ هن جي چوڻ مطابق اڄ گرامين بينڪ جي سو سيڪڙو قرضدارن جا ٻار اسڪولن،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين به تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
 گرامين بينڪ جو بنياد هڪ نان پرافٽ بينڪ جي تحت رکيو ويو. اچرج ۾ پوڻ جهڙي ڳالهه آهي ته بينڪ ۽ نان پرافٽ؟ گرامين بينڪ نان پرافٽ هن ريت آهي ته  جڏهن ڪنهن ضرورتمند کي قرض ڏنو ويو ته هڪ ته ان قرض جي وصولي هفتيوار ٿيندي. جيڪي پئسا قرض ڏيئي سيڙايا ويا سي اهڙا جا اهڙا واپس ايندا ۽ انهن ئي پئسن کي ڪنهن ٻئي ضرورتمند کي قرض طور ڏنو ويندو. ان قرض تي جيڪو ٿورو گھڻو منافعو يا بينڪنگ جي اصطلاحن ۾ انٽريسٽ ريٽ ورتو ويو سو واپس انويسٽمينٽ جي طورتي ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان مان واضح ٿيو ته ان پئسي جو ڪو انت ناهي. اهو پئسو پيو ضرورتمندن کي ڪم ايندو پيو ريسائيڪل ٿيندو. جڏهن ته صدقي خيرات ۾ ڏنل پيسو ويو سو ويو، اهو پئسو نه پاڻ وٽ واپس ايندو نه ان ضرورتمند وٽ جنهن جي مدد ڪئي ويئي. اهو ئي آهي “سوشل بزنس” ڊاڪٽر محمد يونس جي ايجاد ۽ گرامين بينڪ جو طريقيڪار. کيس گرامين بينڪ جي ذريعي ٿيندڙ ڪيترن ئي فلاحي ڪمن ۽ غربت جي خاتمي ۽ هر غريب تائين تعليم، اٽي ۽ اجھي ۽ ٻين بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ جهري عظيم ڪارنامي جي ڪري جڏهن کيس نوبل انعام سان نوازيو ته سڄي دنيا جون نظرون بنگلاديش تي پئجي ويون. اڄ گرامين بينڪ جي شراڪتداري ۾ ڪيتريون ئي ملٽي نيشنل ڪمپنيون “سوشل بزنس” جي تحت مختلف ميدانن ۾  ڪاروبار ڪري رهيون آهن جن مان فائدو نه گرامين بينڪ ٿي کڻي نه ئي اهي ڪمپنيون پر اهو فائدو صرف ۽ صرف غريب ماڻهوء کي ئي ٿئي ٿو. اها سيڙپڪاري هڪ نيڪ مقصد لاء جاري آهي. هن وقت گرامين بينڪ جي انگن اکرن مطابق گرامين بينڪ جا 60 سيڪڙو اهڙا غريب ماڻهو هئا جن ضرورت تحت قرض کنيا سي اڄ غربت جي زمري کان ٻاهر آهن. تازو ئي ٽُوِٽر تي ڊاڪٽر محمد يونس جي هڪ انڪشاف مطابق ته مائڪرو ڪريڊٽ ۽ سوشل بزنس جي استعمال سان  بنگلاديش ۾ هن وقت مجموعي طور تي غربت ۾ چار سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي.
ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ڊاڪٽر يونس کي سندس ان نئين نظام جي لاڳو ڪرڻ لاء سندس سهائتا سان اهڙي نوعيت جي بينڪن جي شروعات پڻ ڪري ورتي آهي. 2007 ۾ جنرل مشرف پڻ ڊاڪٽر يونس جي ان بينڪنگ سسٽم مان فائدو وٺڻ لاء کيس پاڻ وٽ دعوت ڏني. جنهن تحت پاڪستان ۾ غربت جي خاتمي لاء 1991ع کان ڪم ڪندڙ هڪ سرڪاري تنظيم اين_ آر _ايس _ پي نيشل رورل سپورٽ پروگرام  ۾ گرامين بينڪ جي نوعيت جهڙيون تبديليون آڻي ان جي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ جوڙجڪ ڪئي ويئي جيڪا اڄ پوري پاڪستان ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان کان علاوه هڪ ٻيو ادارو پي_پي_اَي_ايف پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ پڻ ان ميدان ۾ گورنمينٽ ۽ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ڪم ڪري رهي آهي. تنهن کانپوء گرامين بينڪ جي ئي سوشل بزنس واري ماڊل تي ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم “ڪَشَف فائونڊيشن” پڻ پنهنجو غربت جي خاتمي لاء پوري ملڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پر هن فائونڊيشن جي سنڌ ۾ صرف هڪ شاخ ڪراچي ۾ آهي جيڪا ظاهر آهي صرف ڪراچي شهر تائين محدود آهي.
مٿي بيان ڪيل صرف ٽي تنظيمون پاڪستان ۾ صحيح معنيٰ غربت جي خاتمي لاء پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪري رهيون آهن سي ناڪافي آهن، ۽ پنهنجيون پوريون ڪوششون ڪرڻ جي باوجود به غربت گھٽائڻ ۾ پاڪستان کي اڃا ان ليول تائين نه پهچائي سگھيون آهن جنهن ليول تي صرف هڪ گرامين بينڪ بنگلاديش کي پهچايو آهي.
عام بزنس ۾ نقصان جو انديشو ته هر سيڙپڪار کي رهي ٿو پر سوشل بزنس ۾ نقصان جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اهڙا ڪاروباري ماڻهو جن پنهنجي اڻٿڪ محنتن سان پنهنجي ڪاروبار کي ڪٿي کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو تن کي پنهنجي ڪاروبار هڪ حصو ضرور سوشل بزنس جي نالي ڪرڻ گھرجي، جنهن سان ظاهر آهي سندن ڪاروبار جي منافعو ڪمائڻ واري حصي تي ڪو به اثر نه پوندو پر مورڳو ئي سندن ڪمپنيء جي ڀلائيء جي ڪم ڪرڻ لاء وڌ ۾ وڌ مشوري پڻ ٿيندي. سوشل بزنس صرف بينڪن جي قرض ڏيڻ تائين ئي محدود ناهي، پر غريب ۽ پسماندا ڳوٺن تائين نيوٽريشن سان ڀرپور کاڌو پهچائڻ کان وٺي تعليم، ماحول جو تحفظ، صحت ۽ بي روزگاريء جهڙن مسئلن کي پڻ هن نظام سان بهتر کان بهتر ڪري سگھجي ٿو.


غربت واقعي هڪ وڏو مسئلو آهي پر ان جو حل تمام آسان آهي ۽ غربت جو خاتمو بالڪل ممڪن آهي، غريب ماڻهو پاڻ ئي پنهنجي غربت کان آجي دنيا ٺاهي سگھي ٿو جيڪڏهن ان کي انهن زنجيرن مان آزاد ڪيو وڃي جنهن ۾ کيس اسان جڪڙي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هن وقت ملڪ ۾ موجود ڪيترن ئي اين جي اوز ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سوشل بزنس جي اهميت ۽ معاشري ۾ ان جي پوندڙ مثبت اثرن جي باري ۾ سوچن، ان جي فارمولي کي سمجھن ۽ اجتماعي ڪوششن سان ملي جلي ڪري سوشل بزنس ڏانهن لاڙو ڪن ۽ ان کي هٿي وٺرائن ته اهو ڏينهن پري ناهي  جڏهن اسين غربت صرف ميوزمن ۾ سجائي پنهنجي ايندڙ نسلن کي پيا ڏيکارينداسينته هي هئي غربت.

معاشري ۾ ڪتاب پڙهڻ جو گھٽجندڙ لاڙو

ڪو دور هو جڏهن گھر ۾ موجود وڏڙا رات جي پهر ۾ گھر جي مڙني ٻارن کي گڏ ڪري ڏاهپ ۽ معلومات سان ڀريل جِنن ۽ پَرين جي ڪردارن واريون آکاڻيون ٻڌائيندا هئا، جن کي ٻڌڻ سان ٻارن ۾ ڄاڻ سان گڏوگڏ سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت ، ذهني سجاڳي ۽ مطالعي ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو هو. اُهو ٻار جڏهن وڏو ٿي پنهنجي عملي زندگيء ۾ قدم رکندو هو ته ڪنهن به ڏکئي موڙ تي انهن آکاڻين مان پِرايل سبق سندس رهنمائي ڪندو هو. ڀلي کڻي اُهي وڏڙا البرٽ آئنسٽائن جي هن چوڻيء کان واقف نه هئا ته “جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار ذهين ٿين ته انهن کي آکاڻيون ٻڌايو، ۽ جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار وڌيڪ ذهين ٿين ته انهن کي وڌيڪ آکاڻيون ٻڌايو.” پر پوء به اُنهن کي اِن ڳالهه جو شعور ضرور هو. نوجوانن جو لڳاءُ ڪتابن سان تمام گھڻو هو. هو ڪتابن کي پنهنجو بهترين دوست تصور ڪندا هئا. ايتري قدر جو ڀلي کڻي گھر ۾ لائيٽ نه به هجي پر هو گھٽين جي لائيٽ ۾ يا وري ڏيئا ٻاري به پنهنجي ڪتاب پڙهڻ جو شوق پورو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ جو کين ڪتابن جو قدر هو ۽ هو ڪتابن جي اهميت کان چڱي ريت واقف هئا. ڪتابن ۾ موجود ڏاهپ ڀريون نصيحتون، معاشري ۾ اُٿ ويهه جو انداز ، زندگيء کي بهترين نموني گذارڻ جا طريقا ۽ دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء ۽ پنهننجي وڌ کان وڌ علم حاصل ڪرڻ واري اُڃ لاهڻ لاء هو هر قيمت ڏيڻ لاء تيار هئا. لائبريريون عام جام هيون، گھرن جي اوطاقن ۾ علمي ميڙاڪا ٿيندا هئا، هر هڪ نه ٻئي ماڻهوء کي ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق هو.تحفي ۾ ڪتاب ڏيڻ جو رواج پڻ عروج تي هو.
اڄڪلهه جي ٽيڪنالوجي واري دور ۾ نه ٻارن ۾ آکاڻيون ٻڌڻ جو شوق رهيو آهي ۽ نه وري نوجوانن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو. مائٽ ٻارن جي ضد تي کين وڊيو گيمون وٺيو ڏين، پوء ٻارَ سڄو ڏينهن اُن وندر ۾ ائين مشغول آهن جو آکاڻيون ٻڌڻ ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهڻ ته ٺهيو پر پنهنجي اسڪول جو هوم ورڪ ڪرڻ کان به قاصر آهن.نوجوان وري انٽرنيٽ تي چيٽنگ ڪرڻ ۽ گانا ٻڌڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويا آهن جو ڀلي کڻي دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي وڃي پر ڪمپيوٽر مان اک ناهي ڪڍڻي.
ڪتابن جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته مغرب جي ماڻهن ۾ مطالعي جو ايترو ته رجحان آهي جو هُنن وٽ هر قسم جي جديد ٽيڪنالوجي هجڻ جي باوجود ڀلي کڻي بس اسٽاپ هجي يا ريلوي اسٽيشن، ايئر پورٽ جي انتظارگاه هجي يا ڪنهن به سفر دوران هو ڪتاب پڙهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. پوري دنيا جا نفسيات جا ماهر پنهنجي مختلف تحقيقن جي بنياد تي ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪتاب پڙهڻ جي عادت ذهني توڙي جسماني نشونما جو بهترين ذريعو آهي. ڪتاب پڙهڻ سان نوجوانن ۾ مثبت سوچ ۽ صحيح غلط جو فرق ڪرڻ جو شعور پيدا ٿئي ٿو ۽ هو پوري دنيا سان ڳانڍاپي ۾ رهن ٿا، پنهنجي تاريخ ، تهذيب ۽ ثقافت کي سمجھڻ ۾ به ڪتاب مدد ڪن ٿا.مارگريٽ فلر جي هڪ چوڻيء “Today a reader, tomorrow a leader” مان ڪتاب پڙهڻ جي اهميت وڌيڪ واضح ٿي وڃي ٿي.
 هجڻ ته ائين گھرجي ته گھر جي باقي بنيادي ضرورتن، مثال جي طور تي خوراڪ بجلي، پاڻي ۽ ڇت سان گڏوگڏ ڪتابن کي پڻ زندگيء جو اهم حصو بڻائجي، ڇاڪاڻ جو جيسيتائين گھر ۾ اهڙو ماحول نه هوندو تيسيتائين اسان توڙي اسانجي ٻارن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو شعور پيدا نه ٿيندو ڪتابَ زندگين ۾ غير معمولي تبديلي آڻڻ جي صلاحيت رکن ٿا. جيڪي ٻار ننڍي هوندي کان ئي ڪتابن پڙهڻ جو شوق رکن ٿا اُهي اڳتي هلي زندگيء ۾ ڪنهن نه ڪنهن سٺي مقام تائين ضرور پهچن ٿا. وليم سمرسٽ ماوم ڪتاب پڙهڻ جي اهميت کي ڪجھه هن ريت بيان ڪندي چيو آهي ته “پاڻ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت آڻڻ زندگيء جي تقريباً سڀني مشڪلاتن کان پنهنجي چوڌاري هڪ پناه گاهه اَڏڻ جيان آهي.” مطلب ته ڪتاب پڙهڻ سان علم جي اک عطا ٿئي ٿي، دنيا جا راز پڌرا ٿين ٿا، دماغ جا طبقا روشن ٿين ٿا ۽ زندگي گھارڻ آسان ٿيو پوي.
گذريل سال آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسرن جي هڪ گڏيل تحقيق پڌري ٿي، جيڪا ستاويهن ملڪن جي سَتر هزار ٻارن تي ڪئي ويئي. هن تحقيق مطابق جن ٻارن جي گھرن ۾ نصابي ڪتابن کان علاوه ٻيا معلوماتي ڪتاب موجود هئا ۽ کين ڪتاب پڙهڻ جي عادت هئي ۽ گھر ۾ پڙهڻ لکڻ وارو سٺو ماحول مليل هو، تِن جي تعليمي صلاحيت اُنهن ٻارن جي نسبت ڪيئي درجا بهتر هئي جيڪي ٻار ڪتاب پڙهڻ کان محروم هئا.
پاڪستان ۾ ڪتاب پڙهڻ جي رجحان جي باري ۾ ڊسمبر 2008ع دوران گيلپ پاران ڪيل هڪ سَروي مطابق 27 سيڪڙو ماڻهو غير نصابي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، جڏهن ته باقي 73 سيڪڙو ماڻهن جي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي نه آهي.گيلپ جي هن سروي جا هي انگ اکر ته پاڪستان جي چئن ئي صوبن جا آهن، پر جيڪڏهن صرف سنڌ صوبي کي ڏِسجي ته سِڌي سَنئين ونڊ مطابق تقريباً 6 سيڪڙو سنڌي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا جيڪو هڪ ذاتي اندازو آهي. پر سنڌ سان ٻين صوبن جي آباديء جي نسبت ۽ غربت ۽ بيروزگاري جي صورتحال کي ڏسبو ته اِهو فرضي اندازو شايد غلط ثابت ٿئي.
اسانجي معاشري ۾ ڪتابن جي مطالعي کان پري هجڻ جا ڪيئي ڪارڻ آهن.جن ۾ پبلڪ لائبريرين جي کوٽ، معياري مواد جي کوٽ، معياري ليکڪن جي گھٽتائي،يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ ڪتابي ميلن جو نه لڳڻ، والدين ۽ اُستادن جو ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي اهميت جي باري ۾ آگاهي نه ڏيڻ اهم ڪارڻ آهن. ٻيو ته ڪتابن جون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ قيمتون ڏسي هر ڪو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي. اهو مسئلو وري انٽرنيٽ تي ڊجيٽل ڪتابن يا اِي بُڪس جي اچڻ سان حل ٿي ويو. لکن جي تعداد ۾ ڊجيٽل ڪتاب آنلائن لائبريرين ۾ يا ته پِي.ڊِي.ايف فارميٽ ۾ مفت دستياب آهن يا وري تمام ٿوري معاوضي تي وٺي پڙهي سگھجن ٿا. اِي بُڪس جي اچڻ سان معاشري ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان ڪنهن حد تائين وڌيو ته آهي پر ڪتاب پڙهڻ جو اُهو اصل معيار اڃا به پورو نه ٿو ٿي سگھي. ڇاڪاڻ جو اِي بُڪ پڙهڻ لاء لڳاتار ڪمپيوٽر آڏو ويهڻ سان هڪ ته نظر خراب ٿيو پوي ۽ ٻيو ته هڪ ئي جڳهه تي ويهڻ سان ٻيا به جسماني مسئلا پيدا ٿيو پون.
ڪائلي زِمر جنهن آمريڪا ۾ ٻارن جي ڪتاب پڙهڻ واري رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاء “فرسٽ بُڪ” جي نالي سان هڪ غير سرڪاري تنظيم جو بنياد رکيو.جنهن جو مقصد غريب ٻارن ۾ مفت ڪتاب تقسيم ڪرڻ آهي.هي تنظيم اڄ تائين 85 ملين ڪتاب مفت ورهائي چڪي آهي. ڪائلي زِمر جي مطابق ته “ آمريڪا ۾ 42 سيڪڙو اهڙا ٻار آهن جن جو تعلق غريب خاندانن سان آهي جيڪي صرف پنهنجي گھر جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاء به عاجز آهن، پنهنجي ٻارن کي ڪتاب وٺي ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي. ان صورتحال ۾ نه صرف 42 سيڪڙو غريب خاندانن جا ٻار ڪتاب پڙهڻ کان محروم آهن پر ڪتابن ڇاپڻ واري صنعت پڻ انهن 42 سيڪڙو خاندانن تائين نه ٿي پهچي”. هيء تنظيم ڪيترين ئي ٻين سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن سان ملي چندا گڏ ڪري هي عظيم ڪم سرانجام ڏيئي رهي آهي.
ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ موجود هڪ سرڪاري تنظيم نيشنل بُڪ فائونڊيشن جو ڪردار به هِت ذڪر ڪرڻ جوڳو آهي، جنهن پاڪستان ۾ ڪتاب پڙهڻ جي رجحان کي تمام گھڻي هٿي وٺرائي آهي.هن تنظيم جو بنياد 1972ع ۾ ٿيو.جنهن جو سڄو ڪار وهنوار منسٽري آف ايڊيوڪيشن هلائي رهي آهي.هن تنظيم جو مقصد نوجوانن توڙي ٻارن ۾ ڪتابن پڙهڻ لاء جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي. هيء تنظيم هن وقت ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ بُڪ ڪِلبن جو بنياد، جيڪي پبلڪ لائبريرين جي صورت ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ موجود آهن، رِيڊرس ڪِلبن جو بنياد،جنهن تحت ملڪ جي مخصوص 47 شهرن ۾ ميمبرشپ کانپوء ميمبرن کي اڌ قيمت ۾ ڪتاب وڪرو ڪيا وڃن ٿا جنهن جو باقي اڌ تنظيم ادا ڪري ٿي. جڏهن ته پوري ملڪ ۾ موجود تنظيم جي ڪتاب گھرن مان 55 سيڪڙو جي خاص رعايت سان ڪتاب خريد ڪري سگھجن ٿا. نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي هڪ ٻئي منصوبي تحت ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاء 1987ع کان ڪوششون شروع ڪيون ويون. تنظيم جي ويب سائيٽ تي ڏنل معلومات مطابق هن منصوبي تحت ٻارن ۾ نصابي ڪتابن کان علاوه آکاڻين ۽ ٻين معلوماتي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ڏيارڻ لاء ٻاراڻي ادب جا ڪتاب مفت ۾ تقسيم ڪيا وڃن ٿا.۽ بهترين ڪتاب جي ليکڪن کي نقد انعامن سان پڻ نوازيو وڃي ٿو.ان کان علاوه تنظيم جي انتظام هيٺ ملڪ ۾ هر سال لکڻ ۽ پڙهڻ لاء مختلف نوعيت جا ورڪشاپ ۽ وڏن شهرن ۾ عالمي ڪتابي ميلن جو انتظام پڻ ڪيو وڃي ٿو. هن تنظيم جي اعليٰ عهديدارن جي دعوائن مطابق ته تنظيم جي ڪوششن سان ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان اڳي جي نسبت وڌيو آهي. هاڻ جيڪڏهن انهن عهديدارن جا دعويٰ واقعي صحيح آهن ته پوء اها تنظيم سچ پچ اسان لاء تمام وڏي نعمت آهي. سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان هن تنظيم مان ڪيترو فائدو ورتو آهي؟
اڄڪلهه اسين پنهنجي معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. اِها تبديلي بالڪل اچي سگھي ٿي . ۽ اِها تبديلي ائين ايندي ته اسين جيڪڏهن فضول ڪمن کي ڇڏي ڪتابن سان دوستي شروع ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجي چوڌاري دوستن ساٿين کي ڪتاب پڙهڻ جي اهميت جي باري ۾ آگاهي ڏني وڃي.۽ سڄي ڏينهن مان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪلاڪ ضرور ڪنهن سٺي ڪتاب جو مطالعو ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهو به ممڪن نه آهي ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن مطالعي کي ضرور ڏيڻ گھرجي ۽ پنهنجي ٻارن کي سٺا معلوماتي ڪتاب پڙهڻ جي تلقين ڪئي وڃي ته اُهو ڏينهن پري ناهي جو اسانجا رَوَيا ۽ اسان جون زندگيون تبديل ٿي وينديون ۽ معاشري ۾ هڪ صحتمند علمي ماحول جو بنياد ٻيهر پئجي ويندو. ان ڳالهه کان به بالڪل انڪار نه آهي ته اڄ به ڪجھه بهترين ليکڪ جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مَسَ اسان ۾ موجود آهن؛ پنهنجي سگھه مطابق بهترين لکڻيون لکي معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي خواب جي ساڀيان ڏانهن وڌي ته رهيا آهن، پر ان رجحان کي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ لاء اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
درسگاهن سان دل منهنجي ، ڪتب خانو وطن منهنجو۔
ڪتابن ۾ دفن ٿيندس ، ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.

سنڌو ماٿري سڀيتا جي بقا لاءِ اسانجو ڪردار


سنڌ صدين کان آباد آهي، جنهن جو اندازو سنڌو ماٿري سَڀيتا  (Indus Valley Civilization) تي تحقيق ڪندڙ ملڪي توڙي غير ملڪي محققن جي لکيل ڪيترن ئي تاريخي ڪتابن مان آسانئ سان لڳائي سگھجي ٿو.
برونز يا ڪاسيءَ واري دءور((3300-1300BC جي هيءَ سنڌو ماٿري سَڀيتا جاگرافيائي لحاظ کان 1260000 چورس ڪلوميٽرن  جي ايراضئ تي پکڙيل هئي. جنهن کي اڄ دنيا جي قديم ترين سَڀيتا مڃيو وڃي ٿو. موئن جو دڙو، هڙپا ، ڍولاويرا ۽ مهر ڳڙهه هن سڀيتا جا اهم شهر ڳڻيا وڃن ٿا. جن مان موئن جي دڙي کي خاص اهميت حاصل آهي.مختلف تحقيقي ڪتابن ۾ لکيل تاريخ مطابق اهو تصور پڻ ڏنو وڃي ٿو ته هزارن سالن کان موجود موئن جو دڙو سنڌو ماٿريء جي تهذيب ، ثقافت ۽ وڻج واپار جو مرڪز هو.سنڌو ماٿري جي قديم رهاڪن ، خاص ڪري هٿرادو هنر ۽ مختلف ڌاتن جيئن ڪاپر،برونز، ليڊ ۽ ٽِن کي دريافت ڪرڻ جا نوان بنياد رکيا.
موئن جي دڙي مان دريافت ٿِيَل نيڪال جي نظام تي هڪ تحقيق ۾ نيڪال جي نالِيُن ۾ چُن جي استعمال مان اهو اندازو لڳايو وڃي ٿو ته هزارين سال پهريان به انهن ماڻهن کي چُن جي استعمال جي ڄاڻ هئي.جيڪواڄ به Sewage Treatment  ۽ Water Purification  لاء ڪتب آندو وڃي ٿو.
ٽيرا ڪوٽا مان ٺهيل رانديڪن ۾ ڦِيٿي واري ڍڳي گاڏيءَ جي دريافت مان اهو ظاهر ٿئي ٿو ته اُن دور ۾ به ڦيٿي جو استعمال هو.پر ڦيٿي جي اصل ايجاد جي باري ۾ آرڪيالوجي جا ماهر ۽ تاريخدان اڃا ڪنهن راءِ تي اڃا متفق ناهن.
سندن اڏاوتي هنر جو ته موئن جو دڙو پاڻ ئي هڪ وڏو ثبوت آهي.گھٽين، نيڪال جي نظام ۽ ڪمرن ۾ بهترين رٿابندي سان استعمال ڪيل پڪين سرن جو ڪم به سندن هنرمندي جو مثال آهي.کوٽائيء مان هٿ آيل نرتڪي ( (Dancing Girl جو مجسمو سندن ناچ گاني جي شوق کي ظاهر ڪري ٿو. ڪِنگ پِريسٽ کي پاتل شال تي اُڪريل اجرڪ جي نموني جي خاڪن مان اجرڪ جي تاريخ ۽ سندن ڪپڙي اُڻڻ جي هنر جو به پتو پئي ٿو.
پٿر کي تراشي ٺاهيل مُهرُن جيڪي ماهرن جي راء مطابق واپار لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون جن تي اُڪريل مختلف جانورن جون شِڪلون موئن جي دڙي جي رهواسين جي ڪاريگريءَ ۽ فن جو مثال آهن.
ايتري عظيم و شان قديم تاريخي ورثي ۽ ثقافت جي مالڪ سنڌ لاءِ تڏهن سوچيندي ڏک ٿئي ٿو جڏهن غير ملڪي آرڪيالوجي جا ماهر،سَياح ۽ مُحقق هِت اچي اسانجي تاريخي ماڳن جو کوٽايون ڪري ۽ تحقيق ڪري اسانکي ٻڌائن ٿا ته هيءَ آهي توهانجي تهذيب ۽ ثقافت .هاڻ سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا اهو کوٽائيءَ وارو ڪم اسين پاڻ نه ٿا ڪري سگھون؟ڇا اسان وٽ پهنجا آرڪيالوجي جا ماهر ناهن؟ پر ان ڳالهه کان به قطعي انڪار نه ٿو ڪري سگھجي ته ڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مُحقِق انهئ ڪم ۾ رُڌل ضرور آهن، پر هاڻ انهن جي به ڪا ايتري دلچسپي نه رهي آهي.انهن جي چوڻ مطابق ته کين حڪومتي سهڪار گھرجي. پر جيڪڏهن حڪومت پنهنجي قديم ورثي ۽ ثقافت جي سنڀال واري ڪم کان پنهنجيون اکيون ٻوٽي ڇڏيون آهن ته ڇا ٿيو؟ ڪا ته ذميواري اسان جي به آهي.
سنڌو ماٿري مان دريافت ڪيل قديم ۽ قيمتي نوادرات سنڌ ميوزيم ۾ هجڻ جي بجاءِ بِرٽش ميوزيم جي زينت بڻيل آهن.انهئ جو ڪارڻ صرف حڪومت نه آهي پر اسانجي پنهنجي سُستي ۽ ڪاهلي پِڻ آهي.هجڻ ته ائين گھرجي ها ته سنڌ جا سڀ تاريخدان،محقق ،آرڪيالوجي ۽ اينٿروپالوجي جا ماهر ملي ڪري تنظيمي بنيادن تي پهنجي قيمتي سرمايي کي ڌارين جي هٿ لڳڻ کان بچائين ها.
اڄڪلهه ته اليڪٽرانڪ ميڊيا جو دور آهي، سيڪنڊن ۾ هِتان جي ڳالهه هُت پهچي ٿي وڃي. اِن ٽيڪنالوجي جو فائدو وٺندي ڪيترائي سنڌي نوجوان سوشل نيٽورڪس توڙي بلگس ۽ ويب سائيٽس جي ذريعي پنهنجي سنڌي تهذيب کي پوري دنيا ۾ هٿي وٺرائي رهيا آهن، اهو به هڪ سٺو سئوڻ آهي.هي ته اُهي نوجوان آهن جيڪي ٻيو ته ڪجھه نه ٿا ڄاڻين پر سندن دلين ۾ ڌرتئ لاء پيار ۽ پاٻوهه موجود آهي جيڪي ڀلا ٻيو ته ڪجھه نه ٿا ڪري سگھن پر سنڌ ڌرتئ لاء پنهنجي محبت جو اظهار سندن تهذيب ۽ تمَدُن کي دنيا آڏو اُجاگر ڪري پنهنجي حصي جي ذميواري نڀائي رهيا آهن.
وقت اڃا به ناهي ويو، اڄ به ڪيترن ئي علائقن ۾ کوٽائي جاري آهي. جن ۾ لاکين جي دڙي جي دريافت سان پڻ سنڌوءَ جي تهذيب جا ڪي نوان راز کليا آهن.۽ اڳتي به اميد ٿي ڪجي ته اسانجا ماهر آرڪيالوجسٽ  ۽ محقق انهئَ ڪم کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاء ڪا تنظيم جوڙي ڪم کي اڳتي وڌائيندا.
حڪومتي سهڪار يا ڪنهن ڌاريي جو انتظار ڪرڻ کان چڱو آهي ته هر سنڌي انفرادي طور تي ٻيو نه ته پنهنجي پنهنجي علائقي جي تاريخ سان واڳيل شين جو جائزو وٺي ،پوء ڀلي کڻي ننڍي بنيادن تي پنهنجي وَسَ آهر تحقيق ڪري پنهنجي قديم تاريخ تان دَزُ لاهي دنيا آڏو پيش ڪري سنڌ ڌرتئ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.
فهيم اختر ميمڻ