Friday, March 22, 2013

معاشري ۾ ڪتاب پڙهڻ جو گھٽجندڙ لاڙو

ڪو دور هو جڏهن گھر ۾ موجود وڏڙا رات جي پهر ۾ گھر جي مڙني ٻارن کي گڏ ڪري ڏاهپ ۽ معلومات سان ڀريل جِنن ۽ پَرين جي ڪردارن واريون آکاڻيون ٻڌائيندا هئا، جن کي ٻڌڻ سان ٻارن ۾ ڄاڻ سان گڏوگڏ سوچڻ سمجھڻ جي صلاحيت ، ذهني سجاڳي ۽ مطالعي ڪرڻ جو اتساهه پيدا ٿيندو هو. اُهو ٻار جڏهن وڏو ٿي پنهنجي عملي زندگيء ۾ قدم رکندو هو ته ڪنهن به ڏکئي موڙ تي انهن آکاڻين مان پِرايل سبق سندس رهنمائي ڪندو هو. ڀلي کڻي اُهي وڏڙا البرٽ آئنسٽائن جي هن چوڻيء کان واقف نه هئا ته “جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار ذهين ٿين ته انهن کي آکاڻيون ٻڌايو، ۽ جيڪڏهن اوهان چاهيو ٿا ته اوهان جا ٻار وڌيڪ ذهين ٿين ته انهن کي وڌيڪ آکاڻيون ٻڌايو.” پر پوء به اُنهن کي اِن ڳالهه جو شعور ضرور هو. نوجوانن جو لڳاءُ ڪتابن سان تمام گھڻو هو. هو ڪتابن کي پنهنجو بهترين دوست تصور ڪندا هئا. ايتري قدر جو ڀلي کڻي گھر ۾ لائيٽ نه به هجي پر هو گھٽين جي لائيٽ ۾ يا وري ڏيئا ٻاري به پنهنجي ڪتاب پڙهڻ جو شوق پورو ڪندا هئا، ڇاڪاڻ جو کين ڪتابن جو قدر هو ۽ هو ڪتابن جي اهميت کان چڱي ريت واقف هئا. ڪتابن ۾ موجود ڏاهپ ڀريون نصيحتون، معاشري ۾ اُٿ ويهه جو انداز ، زندگيء کي بهترين نموني گذارڻ جا طريقا ۽ دنيا جي ڄاڻ حاصل ڪرڻ لاء ۽ پنهننجي وڌ کان وڌ علم حاصل ڪرڻ واري اُڃ لاهڻ لاء هو هر قيمت ڏيڻ لاء تيار هئا. لائبريريون عام جام هيون، گھرن جي اوطاقن ۾ علمي ميڙاڪا ٿيندا هئا، هر هڪ نه ٻئي ماڻهوء کي ڪتاب گڏ ڪرڻ جو شوق هو.تحفي ۾ ڪتاب ڏيڻ جو رواج پڻ عروج تي هو.
اڄڪلهه جي ٽيڪنالوجي واري دور ۾ نه ٻارن ۾ آکاڻيون ٻڌڻ جو شوق رهيو آهي ۽ نه وري نوجوانن ۾ ڪتاب پڙهڻ جو. مائٽ ٻارن جي ضد تي کين وڊيو گيمون وٺيو ڏين، پوء ٻارَ سڄو ڏينهن اُن وندر ۾ ائين مشغول آهن جو آکاڻيون ٻڌڻ ۽ معلوماتي ڪتاب پڙهڻ ته ٺهيو پر پنهنجي اسڪول جو هوم ورڪ ڪرڻ کان به قاصر آهن.نوجوان وري انٽرنيٽ تي چيٽنگ ڪرڻ ۽ گانا ٻڌڻ ۾ ايترو ته مصروف ٿي ويا آهن جو ڀلي کڻي دنيا هيڏانهن کان هوڏانهن ٿي وڃي پر ڪمپيوٽر مان اک ناهي ڪڍڻي.
ڪتابن جي اهميت جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگھجي ٿو ته مغرب جي ماڻهن ۾ مطالعي جو ايترو ته رجحان آهي جو هُنن وٽ هر قسم جي جديد ٽيڪنالوجي هجڻ جي باوجود ڀلي کڻي بس اسٽاپ هجي يا ريلوي اسٽيشن، ايئر پورٽ جي انتظارگاه هجي يا ڪنهن به سفر دوران هو ڪتاب پڙهڻ کي ترجيح ڏين ٿا. پوري دنيا جا نفسيات جا ماهر پنهنجي مختلف تحقيقن جي بنياد تي ان ڳالهه تي يقين رکن ٿا ته ڪتاب پڙهڻ جي عادت ذهني توڙي جسماني نشونما جو بهترين ذريعو آهي. ڪتاب پڙهڻ سان نوجوانن ۾ مثبت سوچ ۽ صحيح غلط جو فرق ڪرڻ جو شعور پيدا ٿئي ٿو ۽ هو پوري دنيا سان ڳانڍاپي ۾ رهن ٿا، پنهنجي تاريخ ، تهذيب ۽ ثقافت کي سمجھڻ ۾ به ڪتاب مدد ڪن ٿا.مارگريٽ فلر جي هڪ چوڻيء “Today a reader, tomorrow a leader” مان ڪتاب پڙهڻ جي اهميت وڌيڪ واضح ٿي وڃي ٿي.
 هجڻ ته ائين گھرجي ته گھر جي باقي بنيادي ضرورتن، مثال جي طور تي خوراڪ بجلي، پاڻي ۽ ڇت سان گڏوگڏ ڪتابن کي پڻ زندگيء جو اهم حصو بڻائجي، ڇاڪاڻ جو جيسيتائين گھر ۾ اهڙو ماحول نه هوندو تيسيتائين اسان توڙي اسانجي ٻارن ۾ ڪتابن پڙهڻ جو شعور پيدا نه ٿيندو ڪتابَ زندگين ۾ غير معمولي تبديلي آڻڻ جي صلاحيت رکن ٿا. جيڪي ٻار ننڍي هوندي کان ئي ڪتابن پڙهڻ جو شوق رکن ٿا اُهي اڳتي هلي زندگيء ۾ ڪنهن نه ڪنهن سٺي مقام تائين ضرور پهچن ٿا. وليم سمرسٽ ماوم ڪتاب پڙهڻ جي اهميت کي ڪجھه هن ريت بيان ڪندي چيو آهي ته “پاڻ ۾ ڪتاب پڙهڻ جي عادت آڻڻ زندگيء جي تقريباً سڀني مشڪلاتن کان پنهنجي چوڌاري هڪ پناه گاهه اَڏڻ جيان آهي.” مطلب ته ڪتاب پڙهڻ سان علم جي اک عطا ٿئي ٿي، دنيا جا راز پڌرا ٿين ٿا، دماغ جا طبقا روشن ٿين ٿا ۽ زندگي گھارڻ آسان ٿيو پوي.
گذريل سال آمريڪا جي مختلف يونيورسٽين جي پروفيسرن جي هڪ گڏيل تحقيق پڌري ٿي، جيڪا ستاويهن ملڪن جي سَتر هزار ٻارن تي ڪئي ويئي. هن تحقيق مطابق جن ٻارن جي گھرن ۾ نصابي ڪتابن کان علاوه ٻيا معلوماتي ڪتاب موجود هئا ۽ کين ڪتاب پڙهڻ جي عادت هئي ۽ گھر ۾ پڙهڻ لکڻ وارو سٺو ماحول مليل هو، تِن جي تعليمي صلاحيت اُنهن ٻارن جي نسبت ڪيئي درجا بهتر هئي جيڪي ٻار ڪتاب پڙهڻ کان محروم هئا.
پاڪستان ۾ ڪتاب پڙهڻ جي رجحان جي باري ۾ ڊسمبر 2008ع دوران گيلپ پاران ڪيل هڪ سَروي مطابق 27 سيڪڙو ماڻهو غير نصابي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا، جڏهن ته باقي 73 سيڪڙو ماڻهن جي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي نه آهي.گيلپ جي هن سروي جا هي انگ اکر ته پاڪستان جي چئن ئي صوبن جا آهن، پر جيڪڏهن صرف سنڌ صوبي کي ڏِسجي ته سِڌي سَنئين ونڊ مطابق تقريباً 6 سيڪڙو سنڌي ڪتاب پڙهڻ ۾ دلچسپي رکن ٿا جيڪو هڪ ذاتي اندازو آهي. پر سنڌ سان ٻين صوبن جي آباديء جي نسبت ۽ غربت ۽ بيروزگاري جي صورتحال کي ڏسبو ته اِهو فرضي اندازو شايد غلط ثابت ٿئي.
اسانجي معاشري ۾ ڪتابن جي مطالعي کان پري هجڻ جا ڪيئي ڪارڻ آهن.جن ۾ پبلڪ لائبريرين جي کوٽ، معياري مواد جي کوٽ، معياري ليکڪن جي گھٽتائي،يونيورسٽين ۽ اسڪولن ۾ ڪتابي ميلن جو نه لڳڻ، والدين ۽ اُستادن جو ٻارن ۾ ڪتاب پڙهڻ جي اهميت جي باري ۾ آگاهي نه ڏيڻ اهم ڪارڻ آهن. ٻيو ته ڪتابن جون آسمان سان ڳالهيون ڪندڙ قيمتون ڏسي هر ڪو سوچڻ تي مجبور ٿيو پوي. اهو مسئلو وري انٽرنيٽ تي ڊجيٽل ڪتابن يا اِي بُڪس جي اچڻ سان حل ٿي ويو. لکن جي تعداد ۾ ڊجيٽل ڪتاب آنلائن لائبريرين ۾ يا ته پِي.ڊِي.ايف فارميٽ ۾ مفت دستياب آهن يا وري تمام ٿوري معاوضي تي وٺي پڙهي سگھجن ٿا. اِي بُڪس جي اچڻ سان معاشري ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان ڪنهن حد تائين وڌيو ته آهي پر ڪتاب پڙهڻ جو اُهو اصل معيار اڃا به پورو نه ٿو ٿي سگھي. ڇاڪاڻ جو اِي بُڪ پڙهڻ لاء لڳاتار ڪمپيوٽر آڏو ويهڻ سان هڪ ته نظر خراب ٿيو پوي ۽ ٻيو ته هڪ ئي جڳهه تي ويهڻ سان ٻيا به جسماني مسئلا پيدا ٿيو پون.
ڪائلي زِمر جنهن آمريڪا ۾ ٻارن جي ڪتاب پڙهڻ واري رجحان کي هٿي وٺرائڻ لاء “فرسٽ بُڪ” جي نالي سان هڪ غير سرڪاري تنظيم جو بنياد رکيو.جنهن جو مقصد غريب ٻارن ۾ مفت ڪتاب تقسيم ڪرڻ آهي.هي تنظيم اڄ تائين 85 ملين ڪتاب مفت ورهائي چڪي آهي. ڪائلي زِمر جي مطابق ته “ آمريڪا ۾ 42 سيڪڙو اهڙا ٻار آهن جن جو تعلق غريب خاندانن سان آهي جيڪي صرف پنهنجي گھر جون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاء به عاجز آهن، پنهنجي ٻارن کي ڪتاب وٺي ڏيڻ ته پري جي ڳالهه آهي. ان صورتحال ۾ نه صرف 42 سيڪڙو غريب خاندانن جا ٻار ڪتاب پڙهڻ کان محروم آهن پر ڪتابن ڇاپڻ واري صنعت پڻ انهن 42 سيڪڙو خاندانن تائين نه ٿي پهچي”. هيء تنظيم ڪيترين ئي ٻين سرڪاري توڙي غير سرڪاري تنظيمن سان ملي چندا گڏ ڪري هي عظيم ڪم سرانجام ڏيئي رهي آهي.
ان سلسلي ۾ پاڪستان ۾ موجود هڪ سرڪاري تنظيم نيشنل بُڪ فائونڊيشن جو ڪردار به هِت ذڪر ڪرڻ جوڳو آهي، جنهن پاڪستان ۾ ڪتاب پڙهڻ جي رجحان کي تمام گھڻي هٿي وٺرائي آهي.هن تنظيم جو بنياد 1972ع ۾ ٿيو.جنهن جو سڄو ڪار وهنوار منسٽري آف ايڊيوڪيشن هلائي رهي آهي.هن تنظيم جو مقصد نوجوانن توڙي ٻارن ۾ ڪتابن پڙهڻ لاء جاڳرتا پيدا ڪرڻ آهي. هيء تنظيم هن وقت ڪيترن ئي منصوبن تي ڪم ڪري رهي آهي، جن ۾ ڳوٺن توڙي شهرن ۾ بُڪ ڪِلبن جو بنياد، جيڪي پبلڪ لائبريرين جي صورت ۾ ڪيترن ئي شهرن ۾ موجود آهن، رِيڊرس ڪِلبن جو بنياد،جنهن تحت ملڪ جي مخصوص 47 شهرن ۾ ميمبرشپ کانپوء ميمبرن کي اڌ قيمت ۾ ڪتاب وڪرو ڪيا وڃن ٿا جنهن جو باقي اڌ تنظيم ادا ڪري ٿي. جڏهن ته پوري ملڪ ۾ موجود تنظيم جي ڪتاب گھرن مان 55 سيڪڙو جي خاص رعايت سان ڪتاب خريد ڪري سگھجن ٿا. نيشنل بُڪ فائونڊيشن جي هڪ ٻئي منصوبي تحت ٻاراڻي ادب کي هٿي وٺرائڻ لاء 1987ع کان ڪوششون شروع ڪيون ويون. تنظيم جي ويب سائيٽ تي ڏنل معلومات مطابق هن منصوبي تحت ٻارن ۾ نصابي ڪتابن کان علاوه آکاڻين ۽ ٻين معلوماتي ڪتابن پڙهڻ جو شوق ڏيارڻ لاء ٻاراڻي ادب جا ڪتاب مفت ۾ تقسيم ڪيا وڃن ٿا.۽ بهترين ڪتاب جي ليکڪن کي نقد انعامن سان پڻ نوازيو وڃي ٿو.ان کان علاوه تنظيم جي انتظام هيٺ ملڪ ۾ هر سال لکڻ ۽ پڙهڻ لاء مختلف نوعيت جا ورڪشاپ ۽ وڏن شهرن ۾ عالمي ڪتابي ميلن جو انتظام پڻ ڪيو وڃي ٿو. هن تنظيم جي اعليٰ عهديدارن جي دعوائن مطابق ته تنظيم جي ڪوششن سان ملڪ ۾ ڪتاب پڙهڻ جو رجحان اڳي جي نسبت وڌيو آهي. هاڻ جيڪڏهن انهن عهديدارن جا دعويٰ واقعي صحيح آهن ته پوء اها تنظيم سچ پچ اسان لاء تمام وڏي نعمت آهي. سوال اِهو ٿو پيدا ٿئي ته اسان هن تنظيم مان ڪيترو فائدو ورتو آهي؟
اڄڪلهه اسين پنهنجي معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. اِها تبديلي بالڪل اچي سگھي ٿي . ۽ اِها تبديلي ائين ايندي ته اسين جيڪڏهن فضول ڪمن کي ڇڏي ڪتابن سان دوستي شروع ڪري ڇڏيون ۽ پنهنجي چوڌاري دوستن ساٿين کي ڪتاب پڙهڻ جي اهميت جي باري ۾ آگاهي ڏني وڃي.۽ سڄي ڏينهن مان گھٽ ۾ گھٽ هڪ ڪلاڪ ضرور ڪنهن سٺي ڪتاب جو مطالعو ڪيو وڃي، جيڪڏهن اهو به ممڪن نه آهي ته هفتي ۾ هڪ ڏينهن مطالعي کي ضرور ڏيڻ گھرجي ۽ پنهنجي ٻارن کي سٺا معلوماتي ڪتاب پڙهڻ جي تلقين ڪئي وڃي ته اُهو ڏينهن پري ناهي جو اسانجا رَوَيا ۽ اسان جون زندگيون تبديل ٿي وينديون ۽ معاشري ۾ هڪ صحتمند علمي ماحول جو بنياد ٻيهر پئجي ويندو. ان ڳالهه کان به بالڪل انڪار نه آهي ته اڄ به ڪجھه بهترين ليکڪ جيڪي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا مَسَ اسان ۾ موجود آهن؛ پنهنجي سگھه مطابق بهترين لکڻيون لکي معاشري ۾ تبديلي آڻڻ جي خواب جي ساڀيان ڏانهن وڌي ته رهيا آهن، پر ان رجحان کي وڌيڪ ترقي وٺرائڻ لاء اسان مان هر ڪنهن کي پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.
درسگاهن سان دل منهنجي ، ڪتب خانو وطن منهنجو۔
ڪتابن ۾ دفن ٿيندس ، ورق ٿيندا ڪفن منهنجو.

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو