Friday, March 22, 2013

غربت جو خاتمو ممڪن آهي!


غربت ڪيئن پيداٿي؟ غربت ڪٿان آئي؟ ڇا ان مرض جو ڪارڻ غريب انسان پاڻ آهي يا اها سندس مٿان زبردستي مڙهي ويئي آهي؟مٿي پڇيل سوال اسان لاء ڪي نوان ناهن.اهي سوال هر دور ۾ اڀاريا ويا ۽ آئنده به اڀاريا ويندا. پر حيرت جهڙي ڳالهه اها آهي ته انهن سوالن جا جواب اسان وٽ هوندي به غربت جو خاتمو اڃا تائين ممڪن ٿي نه سگھيو آهي. حقيقت ۾ غربت اسانجي پنهنجي ٺاهيل نظام جي ئي پيداوار آهي.هن نظام ۾ غريب غريب تر ٿيندو ٿو وڃي ۽ امير امير تر.ثابت ٿيو ته هن نظام ۾ ئي ڪٿي نه ڪٿي خرابي آهي.هي اهو نظام آهي جتي غريب کي نه اٽي جو حق آهي نه اجھي جو، تعليم ۽ زندگيء جون ٻيون ضرورتون ته غريب ماڻهوء لاء ڄڻ هڪ خواب بڻجي ويون آهن. ڪيتريون ئي سماج سڌارڪ تنظيمون غربت جي خاتمي ۽ سماج ۾ سڌارا آڻڻ لاء ورهين کان سرگرم آهن پر اهو غربت جو جِن اڄ تائين ڪنهن جي به قابو ۾ نه اچي سگھيو آهي.اها غربت ئي آهي جنهن جي ڪري اڄ اسانجي ملڪ ۾ امن امان جي صورتحال خراب آهي. پڙهندڙ شايد اهو سوچين ته غربت جو امن امان سان ڪهڙو واسطو؟ غربت جو امن امان سان بالڪل سڌو سنئون واسطو آهي، جيئن هڪ خالي پيٽ بُکن جي پيڙهيل انسان کي اوهان ٻه وقت ماني ڏيو ۽ هڪ هٿ ۾ ڪو هٿيار ڏيو ته ان ماني جي احسان هيٺ اچي هو ڇا ڇا نه ڪندو.
اڄڪلهه پنهنجي چوگرد نظر ڦيرائجي ٿي ته هڪ ئي شهر ۾ ڪيتريون ئي غير سرڪاري تنظيمون غربت جي خاتمي ۽ ملڪ ۽ قوم جي ترقي جي نعرن سان پنهنجن ڪمن ۾ مصروف آهن، جن مان ڪجهه ته واقعي به پنهنجي پنهنجي ميدانن ۾ سٺو ڪم ڪري رهيون آهن، ان هوندي به اسانجي قوم آخر ايتري ڪسمپرسيء جي حالت ۾ ڇو آهي؟ شايد اهي تنظيمون بس امداد جي انتظار ۾ ئي آهن ته ڄاڻ بس امداد آئي ته وري ڪو نئون ڪارنامو ڪري ڏيکاريون. ۽ جي امداد نه آئي ته بس.
وري مثال ڏجي بينڪن جو ته ڪيتريون ئي اهڙيون بينڪون کلي ويون آهن جيڪي مائڪرو ڪريڊٽ جي نالي سان غريب غربي جي مدد لاء مارڪيٽ ۾ اچي ته ويون پر پوء به غريب ته اڃا به غريب ئي رهيو. هنن بينڪن حڪومت کي اهو چئي بينڪ کولڻ جي منظوري ورتي ته اسين غريب مسڪين ضرورتمندن کي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪرڻ لاء آسان قسطن تي قرض ڏيئي بس اِجھا ٿا خوشحالي آڻيون. پر اها ڪنهن کي خبر آهي ته سندن قائدا قانون ڪهڙا آهن. سندن قائدن قانونن تحت قرض وٺڻ جو اهل فقط اهو آهي جيڪو هڪ سال کان پنهنجو ڪو نه ڪو ڪاروبار هلائي رهيو آهي. هاڻ هنن کان ڪير پڇي ته جيڪو هڪ سال کان پنهنجو ڪاروبار هلائي رهيو آهي ڇا اهو واقعي غربت جي طع ٿيل زمري ۾ اچي به ٿو يا نه؟حقيقت ته اها آهي ته بينڪنگ جي اصولن تحت غريب ماڻهو قرض وٺڻ جو اهل ئي ناهي.
 اهو ته طع آهي ۽ ان حقيقت کان ڪير به انڪار نه ڪندو ته هي نظام غريب ماڻهوء کي بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪارا ٿي چڪو آهي.تنهنڪري هاڻ اسانوٽ ضرورت آهي نظام ۾ تبديلي آڻڻ جي. هن نظام ۾ تبديلي صرف ۽ صرف ڪنهن انقلاب سان ئي اچي سگھي ٿي. اهڙو انقلاب جيڪو ملڪ جي موجوده بدتر کان بدتر معاشي صورتحال کي بدلي ڇڏي. اهڙو انقلاب اسان وٽ اچي نه اچي پر اهڙي انقلاب جي شروعات بنگلاديش ۾ اڄ کان چاليهه سال اڳ ٿي چڪي هئي. پڙهندڙ جيڪي ان ڳالهه کان واقف ناهن سي ٿي سگھي ٿو اهو ٻڌي حيران ٿين ته بنگلاديش ۽ انقلاب؟ ته ان ۾ حيرت جي ڪا ئي ڳالهه نه آهي. ستر واري ڏهاڪي ۾ بنگلاديش جي پاڪستان کان عليهدگي کانپوء بنگلاديش جا حالات انتهائي ابتر حالت ۾ هئا. تڏهن بنگلاديش ڄائي ڊاڪٽر محمد يونس ان معاشي انقلاب جي ابتدا ڪري ورتي هئي. هي اهو ئي ڊاڪٽر محمد يونس آهي جنهن کي سندس نئين معاشي فارمولي تي 2006ع ۾ امن جي نوبل انعام سان نوازيو ويو.اهو سندس ان جديد معاشي فارمولي جو نتيجو ئي آهي جو اڄڪلهه دنيا جون بهترين ملٽي نيشنل ڪمپنيون بنگلاديش ۾ سيڙپڪاري ڪري رهيون آهن. سندس ان نئين ترز جي معاشي ماڊل جو نالو “سوشل بزنس” آهي.
اين.جي.اوز هجن يا بينڪنگ جو ميدان هجي، “سوشل بزنس” جي هن نئين فارمولي بنگلاديش جو پراڻو ۽ فرسودا نظام تبديل ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي. اڄڪلهه ته پوري دنيا ۾ ان نظام کي لاڳو ڪرڻ لاء ڪوششون هلي رهيون آهن.
سوشل بزس ۽ عام بزنس ۾ فرق ڪجھه هن ريت آهي ته عام بزنس ۾ سيڙپڪار صرف اهو ئي سوچي ٿو ته مون هيترا پئسا سيڙايا ۽ مونکي مقرر عرصي ۾ ڪيترو منافعو ٿيو، ۽ ايندڙ وقت ۾ وڌ ۾ وڌ ڪيترو منافعو ڪمائي سگھجي ٿو ۽ ان بزنس کي اڳي کان وڏو ڪيئن ڪجي جو ٻيڻ تي منافعو ڪمائي سگھجي. ظاهر آهي اهو منافعو صرف ۽ صرف سندس ذات لاء ئي آهي، جيڪو عام طور تي هن بزنس جو اهم اصول به آهي. جڏهن ته سوشل بزنس ۾ ان ڳالهه کي ڏٺو وڃي ٿو ته مون هيترا پئسا سيڙايا ته ان سان هيترن ضرورتمندن کي فائدو ٿيو. هي فارمولا سرڪاري توڙي غير سرڪاري سماج سڌارڪ ۽ غربت جي خاتمي لاء ڪم ڪندڙ تنظيمن ۽ اهڙن ڪاروباري ماڻهن لاء جيڪي واقعي پنهنجي ملڪ ۽ قوم کي غربت کان عاجو ڏسڻ چاهن ٿا هڪ بهترين فارمولو آهي.ان سان هڪ ته ٻاهرين امداد جو اوسيئڙو به لهي ٿو ۽ پاڻمرادو ئي معاشري جي بهتري لاء گھڻو ڪجھه ڪرڻ جو ذريعو پڻ بڻجي ٿو.
“سوشل بزنس” جو نالو اچي ۽ “گرامين بينڪ” جو نالو نه اچي ته هن اصطلاح کي سمجھڻ نا ممڪن آهي. 1983ع ۾ ان دور جي پراڻي ۽ فرسوده بينڪنگ سسٽم کان باغي ٿي ڊاڪٽر محمد يونس گرامين بينڪ جو بنياد رکيو. اهو پرا ڻو سسٽم جنهن تحت غريب بينڪ کان قرض کڻڻ جو اهل نه هو ۽ اڄ به ائين ئي آهي. پر گرامين بينڪ جي قائدن ۽ قانون تحت ان بينڪ مان صرف ۽ صرف غريب ئي قرض کڻڻ جو اهل آهي. جنهن قرض مان ماڻهو ڪو نه ڪو ننڍي پيماني تي ڪاروبار ڪري گھٽ ۾ گھٽ پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جو بنيادي ضرورتون پوريون ڪري سگھي. گرامين بينڪ هڪ فلاحي بينڪ هجڻ جي ڪري جاري ٿيل قرضن تي عام بينڪن جي مقابلي ۾ تمام گھٽ منافعورکي ٿي جنهن جي ڪري ڪيترائي ضرورتمند فائدو حاصل ڪري رهيا آهن. مائڪرو ڪريڊٽ ۽ سوشل بزنس جي باني ڊاڪٽر محمد يونس گرامين بينڪ مان نه صرف غريب ماڻهن لاء قرض جاري ڪيا پر هن سندس قرضدارن جي ٻارن کي تعليم ڏانهن به راغب ڪيو. گرامين بينڪ مان قرض وٺڻ وقت هڪ شرط جيڪو هر ڪنهن تي لاڳو ڪيو ويو، اِهو هو ته هر قرضدار پنهنجي ٻارن کي تعليم ضرور ڏياريندو. ۽ هن جي چوڻ مطابق اڄ گرامين بينڪ جي سو سيڪڙو قرضدارن جا ٻار اسڪولن،ڪاليجن ۽ يونيورسٽين تائين به تعليم حاصل ڪري رهيا آهن.
 گرامين بينڪ جو بنياد هڪ نان پرافٽ بينڪ جي تحت رکيو ويو. اچرج ۾ پوڻ جهڙي ڳالهه آهي ته بينڪ ۽ نان پرافٽ؟ گرامين بينڪ نان پرافٽ هن ريت آهي ته  جڏهن ڪنهن ضرورتمند کي قرض ڏنو ويو ته هڪ ته ان قرض جي وصولي هفتيوار ٿيندي. جيڪي پئسا قرض ڏيئي سيڙايا ويا سي اهڙا جا اهڙا واپس ايندا ۽ انهن ئي پئسن کي ڪنهن ٻئي ضرورتمند کي قرض طور ڏنو ويندو. ان قرض تي جيڪو ٿورو گھڻو منافعو يا بينڪنگ جي اصطلاحن ۾ انٽريسٽ ريٽ ورتو ويو سو واپس انويسٽمينٽ جي طورتي ئي استعمال ڪيو وڃي ٿو. ان مان واضح ٿيو ته ان پئسي جو ڪو انت ناهي. اهو پئسو پيو ضرورتمندن کي ڪم ايندو پيو ريسائيڪل ٿيندو. جڏهن ته صدقي خيرات ۾ ڏنل پيسو ويو سو ويو، اهو پئسو نه پاڻ وٽ واپس ايندو نه ان ضرورتمند وٽ جنهن جي مدد ڪئي ويئي. اهو ئي آهي “سوشل بزنس” ڊاڪٽر محمد يونس جي ايجاد ۽ گرامين بينڪ جو طريقيڪار. کيس گرامين بينڪ جي ذريعي ٿيندڙ ڪيترن ئي فلاحي ڪمن ۽ غربت جي خاتمي ۽ هر غريب تائين تعليم، اٽي ۽ اجھي ۽ ٻين بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ جهري عظيم ڪارنامي جي ڪري جڏهن کيس نوبل انعام سان نوازيو ته سڄي دنيا جون نظرون بنگلاديش تي پئجي ويون. اڄ گرامين بينڪ جي شراڪتداري ۾ ڪيتريون ئي ملٽي نيشنل ڪمپنيون “سوشل بزنس” جي تحت مختلف ميدانن ۾  ڪاروبار ڪري رهيون آهن جن مان فائدو نه گرامين بينڪ ٿي کڻي نه ئي اهي ڪمپنيون پر اهو فائدو صرف ۽ صرف غريب ماڻهوء کي ئي ٿئي ٿو. اها سيڙپڪاري هڪ نيڪ مقصد لاء جاري آهي. هن وقت گرامين بينڪ جي انگن اکرن مطابق گرامين بينڪ جا 60 سيڪڙو اهڙا غريب ماڻهو هئا جن ضرورت تحت قرض کنيا سي اڄ غربت جي زمري کان ٻاهر آهن. تازو ئي ٽُوِٽر تي ڊاڪٽر محمد يونس جي هڪ انڪشاف مطابق ته مائڪرو ڪريڊٽ ۽ سوشل بزنس جي استعمال سان  بنگلاديش ۾ هن وقت مجموعي طور تي غربت ۾ چار سيڪڙو گھٽتائي آئي آهي.
ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ڊاڪٽر يونس کي سندس ان نئين نظام جي لاڳو ڪرڻ لاء سندس سهائتا سان اهڙي نوعيت جي بينڪن جي شروعات پڻ ڪري ورتي آهي. 2007 ۾ جنرل مشرف پڻ ڊاڪٽر يونس جي ان بينڪنگ سسٽم مان فائدو وٺڻ لاء کيس پاڻ وٽ دعوت ڏني. جنهن تحت پاڪستان ۾ غربت جي خاتمي لاء 1991ع کان ڪم ڪندڙ هڪ سرڪاري تنظيم اين_ آر _ايس _ پي نيشل رورل سپورٽ پروگرام  ۾ گرامين بينڪ جي نوعيت جهڙيون تبديليون آڻي ان جي وڌيڪ اثرائتي انداز ۾ جوڙجڪ ڪئي ويئي جيڪا اڄ پوري پاڪستان ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان کان علاوه هڪ ٻيو ادارو پي_پي_اَي_ايف پاڪستان پاورٽي ايليويشن فنڊ پڻ ان ميدان ۾ گورنمينٽ ۽ ورلڊ بينڪ جي تعاون سان ڪم ڪري رهي آهي. تنهن کانپوء گرامين بينڪ جي ئي سوشل بزنس واري ماڊل تي ڪم ڪندڙ هڪ غير سرڪاري تنظيم “ڪَشَف فائونڊيشن” پڻ پنهنجو غربت جي خاتمي لاء پوري ملڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهي آهي. پر هن فائونڊيشن جي سنڌ ۾ صرف هڪ شاخ ڪراچي ۾ آهي جيڪا ظاهر آهي صرف ڪراچي شهر تائين محدود آهي.
مٿي بيان ڪيل صرف ٽي تنظيمون پاڪستان ۾ صحيح معنيٰ غربت جي خاتمي لاء پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪري رهيون آهن سي ناڪافي آهن، ۽ پنهنجيون پوريون ڪوششون ڪرڻ جي باوجود به غربت گھٽائڻ ۾ پاڪستان کي اڃا ان ليول تائين نه پهچائي سگھيون آهن جنهن ليول تي صرف هڪ گرامين بينڪ بنگلاديش کي پهچايو آهي.
عام بزنس ۾ نقصان جو انديشو ته هر سيڙپڪار کي رهي ٿو پر سوشل بزنس ۾ نقصان جو ڪو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. اهڙا ڪاروباري ماڻهو جن پنهنجي اڻٿڪ محنتن سان پنهنجي ڪاروبار کي ڪٿي کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو تن کي پنهنجي ڪاروبار هڪ حصو ضرور سوشل بزنس جي نالي ڪرڻ گھرجي، جنهن سان ظاهر آهي سندن ڪاروبار جي منافعو ڪمائڻ واري حصي تي ڪو به اثر نه پوندو پر مورڳو ئي سندن ڪمپنيء جي ڀلائيء جي ڪم ڪرڻ لاء وڌ ۾ وڌ مشوري پڻ ٿيندي. سوشل بزنس صرف بينڪن جي قرض ڏيڻ تائين ئي محدود ناهي، پر غريب ۽ پسماندا ڳوٺن تائين نيوٽريشن سان ڀرپور کاڌو پهچائڻ کان وٺي تعليم، ماحول جو تحفظ، صحت ۽ بي روزگاريء جهڙن مسئلن کي پڻ هن نظام سان بهتر کان بهتر ڪري سگھجي ٿو.


غربت واقعي هڪ وڏو مسئلو آهي پر ان جو حل تمام آسان آهي ۽ غربت جو خاتمو بالڪل ممڪن آهي، غريب ماڻهو پاڻ ئي پنهنجي غربت کان آجي دنيا ٺاهي سگھي ٿو جيڪڏهن ان کي انهن زنجيرن مان آزاد ڪيو وڃي جنهن ۾ کيس اسان جڪڙي ڇڏيو آهي. جيڪڏهن هن وقت ملڪ ۾ موجود ڪيترن ئي اين جي اوز ۽ ڪاروباري ماڻهن کي سوشل بزنس جي اهميت ۽ معاشري ۾ ان جي پوندڙ مثبت اثرن جي باري ۾ سوچن، ان جي فارمولي کي سمجھن ۽ اجتماعي ڪوششن سان ملي جلي ڪري سوشل بزنس ڏانهن لاڙو ڪن ۽ ان کي هٿي وٺرائن ته اهو ڏينهن پري ناهي  جڏهن اسين غربت صرف ميوزمن ۾ سجائي پنهنجي ايندڙ نسلن کي پيا ڏيکارينداسينته هي هئي غربت.

2 comments:

  1. ڇا توهان کي 100٪ قرض جي ضرورت آهي؟ آئون پنهنجي مالي ضرورتن جي واپسي جا مسئلا سان گڏ ڪري سگھون ٿا ڇو جو اسان توهان کي صرف 2 سيڪڙو لاء فنڊ فراهم ڪيو آهي. جيڪو توهان جي حال، نفس، ملازمت، رٽائرڊ، ايڊور ڪريڊٽ جي رتبي آهي، اسان مدد ڪري سگهون ٿا. Flexiblerepayment کان 1 کان 30 سالن تائين. اسان سان رابطو ڪريو: ceciliagodfreyloanfirm@gmail.com


    توهان هڪ ڊگهي يا مختصر مدت جي قرض ڳولي رهيا آهيو

    1 پورو نالو: ............................
    2 ايڊريس ايڊريس: .......................

    3. تفصيل: .....................

    4. ايسڪس: ...............

    5. قرض جي رقم ضروري آھي: ....................
    6. دوراني قرض: ...................
    7. سڌو ٽيليفون نمبر: .................

    گهڻو پيار،

    ڪييڪليگودفريريلوفير

    ايل
    ميرا: سيلايا

    ReplyDelete
  2. ڇا توهان کي 100٪ قرض جي ضرورت آهي؟ آئون پنهنجي مالي ضرورتن جي واپسي جا مسئلا سان گڏ ڪري سگھون ٿا ڇو جو اسان توهان کي صرف 2 سيڪڙو لاء فنڊ فراهم ڪيو آهي. جيڪو توهان جي حال، نفس، ملازمت، رٽائرڊ، ايڊور ڪريڊٽ جي رتبي آهي، اسان مدد ڪري سگهون ٿا. Flexiblerepayment کان 1 کان 30 سالن تائين. اسان سان رابطو ڪريو: comfortfrankloanfirm@gmail.com






    توهان هڪ ڊگهي يا مختصر مدت جي قرض ڳولي رهيا آهيو

    1 پورو نالو: ............................
    2 ايڊريس ايڊريس: .......................

    3. تفصيل: .....................

    4. ايسڪس: ...............

    5. قرض جي رقم ضروري آھي: ....................
    6. دوراني قرض: ...................
    7. سڌو ٽيليفون نمبر: .................

    گهڻو پيار،

    comfortfrankloanfirm@gmail.com



    ايل
    نواب خير بخش مري: آرام

    ReplyDelete