Sunday, July 7, 2013

سنڌ جي تاريخ جا هيڻا بنياد ! روزاني مهراڻ

سنڌ جي تاريخ جا هيڻا بنياد !
نه مان اديب نه ڪو مفڪر نه ڪو تاريخدان، نه منهنجا ابا ڏاڏا ان مشغلي ۾ هئا. مان ڳالهه ڪندس پنهنجي ادنى سوچ سمجھ جي حساب سان، پنهنجي محدود مينٽل ايپروچ جي حساب سان. سوچڻ سمجھڻ لاء الله سائينءَ دماغ ته ڏنو آهي نه، پوء جيڪڏهن انکي صحيح وقت ۽ موقعي تي استعمال نه ڪجي ته به ٿي نا شڪري. سو ڳالهين جون ڳنڍيون کولبيون وڃبيون پوء ڏسئون ٿا ته ڪاٿي ٿا پهچئون. مونکي اها به پروڙ آهي ته جنهن نانگ جي ٻِرَ ۾ مان هٿ پيو وجھان، ان جو نتيجو به ڀوڳڻو پوندو، گھڻو ڪجھ ٻڌڻو به پوندو. پر مونکان ٻيلي رهيو نه ٿو ٿئي، ڇاڪاڻ جو اهو سوال آهي سنڌ جو، سنڌين جو ۽ سنڌ جي تاريخ جو. ظاهر آهي سنڌي هجڻ ڪري اسان تي فرض آهي ته اسين پنهنجي سنڌ جي تاريخي واقعن، مختلف وقتن ۾ ٿيندڙ ڪاهُن ۽ سنڌ تي حڪمراني ڪندڙ شخصيتن جي بابت ٿوري گھڻي ڄاڻ ته ضرور رکون.
هن ننڍڙيء تمهيد کانپوء سنڌ جي تاريخ بابت ڪجھ ڪتابن جو ذڪر ڪرڻ لازمي آهي، هڪ آهي “چچ نامو”، “تاريخِ معصومي” ۽ “سنڌوديش”. ان ئي مضمون تي هڪ ٻيو ڪتاب “تحفته الڪرام” پڻ آهي، پر مٿي ذڪر ڪيل ٽن ڪتابن جي مطالعي کانپوء چوٿين ڪتاب جي مطالعي جي سگھ به ڪانه رهي نه وري ضرورت محسوس ٿي. سنڌ جي تاريخ ۾ دلچسپي رکندڙ دوستن هنن ڪتابن جو ضرور مطالعو ڪيو هوندو، ۽ مختلف ذريعن سان انهن ڪتابن جي بابت پنهنجي راء پڻ ڏني هوندي. ۽ “جمهوريت آهي پنهنجي پنهنجي راء ڏيڻ جو حق هر ڪنهن کي آهي،” واري ڳالهه به ضرور ڪئي هوندي. مڙني دوستن جي راء اکين تي. ٻي ڳالهه، اهو واضح رهي ته هن ليک ۾ نه اهو ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته ڪير هيرو هو ۽ ڪيرو زيرو هو، نه وري اهو ته ڪهڙو ڪتاب صحيح آهي ڪهڙو غلط. انهن ٽنهي ڪتابن جي مطالعي کانپوء عام رواجي سوالن ۽ بحث کان هٽي ڪري ڪجھ نوان سوال اڀريا، جن جو ذڪر سنڌي هجڻ جي ناتي لازم ٿي پيو ۽ انهن سوالن جا جواب حاصل ڪرڻ به مون پنهنجو حق سمجھيو. انهن سوالن جو ذڪر اڳتي هلي ايندو.
ڳالهه شروع ڪجي چچ نامي کان. هي ڪتاب اصل ۾ عربيء ۾ لکيو ويو هو، جنهن جي اصل تاريخ ۽ اصل ليکڪ جو پتو نه پئجي سگھيو آهي. سنڌ ۾ هي ڪتاب فارسيء جي ترجمي سان پهتو، جيڪو سنه 613 هجري ڌاري علي ڪوفي ڪيو هو. تنهن کانپوء سائين مرزا قليچ بيگ  هن ڪتاب جو انگريزي ترجمو ڪري سنه 1900ع ڌاري ڪمشنر پريس مان ڇپرائي پڌرو ڪيو. پوءِ سنڌي ادبي بورڊ سنڌي ٻوليء جي خدمت کي پنهنجو فرض سمجھي ان فارسي ڪتاب جي سنڌيء ۾ ترجمي جي ذميواري سائين مخدوم امير احمد کي سونپي، جن جي جاکوڙ سان سنه 1954ع  ڌاري هن ڪتاب جو پهريون سنڌي ترجمو پڌرو ٿيو. هن ڪتاب جي سائين مرزا قليچ بيگ صاحب واري انگريزي ڪتاب جي مهاڳ ۾ سائين اها ته ڳالهه واضح ڪري ڇڏي آهي ته هي ڪتاب تاريخِ معصومي ۽ تحفته الڪرام کان به پراڻو آهي سو انهن ٻنهي ڪتابن جو بنياد پڻ گھڻي قدر چچنامي تي ئي رکيل آهي. ۽ اها واقعي حقيقت به آهي ته تاريخِ معصومي ۽ چچنامي جي مطالعي کانپوء انهن ٻنهي ڪتابن ۾ پيش آيل حالتن ۽ واقعن ۾ ٿوري گھڻي فرق سان مُشابهت ضرور نظر اچي ٿي.
ٻئي پاسي وري سائين جي.ايم.سيد جي ڪتاب سنڌوديش مان ڪجھ حوالن جي مطالعي کانپوء اهو نتيجو اخذ ٿيو ته مٿي ڄاڻايل ڪتابن(چچنامو،تاريخ معصومي،تحفته الڪرام) ۾ بيان ڪيل تاريخ هن ڪتاب سان ڪنهن به ريت مشابهت ۾ ناهي. انهن ڪتابن ۾ راجا ڏاهر جي پيء چچ جي رعيت سان ڪيل ظلمن جو ذڪر آهي، ته ڪيئن هن تخت حاصل ڪرڻ لاء راڻي سونهن ديويء سان ملي ڪري ڪيترائي سنڌي مارائي راجا ساهسي راء جو تخت حاصل ڪيو، ۽ پنهنجي سلطنت کي وسيع ڪرڻ لاء ڪيتري بي رحميء سان هن مختلف بادشاهن جا تخت اونڌا ڪيا ۽ ڪهڙي ڌوڪي سان هن راجا ساهسيء جي ڀاء ۽ تخت جي اصل حقدار مهرٿ کي جنگ ۾ قتل ڪيو ۽ سندس پٽ ڏاهر ڪٽر برهمڻ هجڻ جي باوجود نجومين جي چوڻ تي تخت بچائڻ لاء پنهنجي ڀيڻ سان شادي ڪري پنهنجي ڀاء ڏهرسين جي حڪم ۽ پنهنجي ڌرم کي پڻ پُٺي ڏني. راجا ڏاهر جي عربن سان جنگين بابت ڪيترائي واقعا ڪجھ اهڙي نموني بيان ڪيا ويا آهن جو سنڌ جي انهن حاڪمن جي متنازعه شخصيت جو اندازو ڪو به شخص آسانيء سان لڳائي سگھي ٿو. جڏهن ته ڪتاب سنڌوديش ۾ انهن سڀني ڳالهين جي ڀرپور نفي ڪئي وئي آهي ۽ راجا ڏاهر جي اميج کي درست ڪرڻ جي ڪوشس ڪئي وئي آهي.
هاڻي مون جهڙو ايوريج دماغ رکڻ وارو سنڌي جڏهن تاريخ ۾ دلچسپي وٺي انهن ڪتابن جو مطالعو شروع ڪري ٿو ته کيس  اُٿندي ئي سنڌ جي تاريخ ٻن حصن ۾ ورهايل ملي ٿي ته ڪيترائي ناڪاري سوال ذهن ۾ اُڀريو اچن. هڪ سوال ته اسين سنڌي جيڪي پاڻ کي مُتحد سڏرائيندا رهون ٿا ۽ پاڻ کي صدين جي تاريخ جو مالڪ ۽ علمبردار سڏرايون ٿا سي پاڻ ۾ پنهنجي تواريخ تي ئي اڃا متفق ناهيون ٿيا ته پوء باقي محاذن تي پاڻ کي متحد ڪوٺائڻ صرف هڪ خام خيالي ئي ٿي سگھي ٿي. ۽ ان ئي متنازعه تاريخ جي ڪتابن جي بنياد تي اسين سنڌي ٻن گروهن ۾ ورهائجي چڪا آهيون. هڪ گروهه ان تاريخ کي مذهب جي بنياد تي اڳتي وٺي ٿو هلي ۽ ٻيو گروه ان تاريخ کي قوميت جي بنياد تي هلائي رهيو آهي. اهي ٻئي گروهه اڃا وڌيڪ گروهن ۾ ورهايل آهن. هاڻ ان ڳالهه جو فيصلو ڪير ڪري ته ڪهڙو ڪتاب صحيح تواريخ بيان ٿو ڪري ۽ ڪهڙو غلط سمت ۾ وٺيو وڃي. جيئن سنڌ جي تاريخ جو قديم ۽ بنيادي ڪوٺايو ويندڙ ڪتاب چچنامو پڻ هڪ لحاظ کان غلطين سان ڀريل ڪتاب آهي جنهن جو اعتراف مترجم پڻ ڪتاب ۾ ڪيترن ئي هنڌ ڪيو آهي، جيئن هڪ هنڌ ٻڌايو ويو ته چچ کي راڻي سونهن ديويء مان هڪ ڌيءُ به هئي، پر ٻي جڳهه تي وري راجا ڏاهر سندس ئي ڀيڻ کي جَتِڻ ڪوٺيو آهي. ٻين به ڪيترين ئي اهڙين غلطين جي نشاندهي مترجم ڪتاب ۾ ڪئي آهي جنهن جو هت ذڪر ڳالهه کي جهڙو ٿيندو هرو ڀرو وڌائڻ. هاڻ جيڪڏهن ايتري قديم ۽ مستند سمجھيو ويندڙ سنڌي تاريخ جي ڪتاب ۾ اهڙيون غلطيون سامهون اچي وڃن ته پوء باقي ڪتابن تي ڀلا ڪهڙو وڃي ڀروسو رهيو.
ٻئي پاسي وري “سنڌوديش” ڪتاب ۾ تاريخ کي ويڪ سمجھڻ لاء وري حوالي طور  چچنامي ۽ البلاذري جي ڪتاب “ڪتاب فتوح البلدان” جو ذڪر ڪيل آهي، جڏهن ته چچنامي ۾ موجود غلطين جو ذڪر به ٿي چڪو، پر البلاذري جي بابت وري اها ڳالهه ٻڌڻ ۾ آئي ته هن اهو ڪتاب هڪ ٻئي عرب موءرخ المدائني جي زباني ڪلامي احوالن تي ترتيب ڏنو آهي، جنهن ۾ البلاذري وقت سر ۽ ضرورت آهر تبديليون پڻ ڪيون آهن.
هيء چوڻي جنهن به چئي آهي، ڳالهه ته برحق ڪئي اٿس،“اهي قومون جيڪي پنهنجي تاريخ مان سبق نه ٿيون پرائين، تاريخ اهڙين قومن تي پاڻ کي ورجائيندي رهي ٿي،” پر جنهن قوم جي تاريخ جا بنياد ئي هيڻا هجن اها قوم ڪاڏي وڃي؟ پر اچرج جهڙي ڳالهه اها آهي ته  ان وقت جي هيڏي وڏي عاليشان سنڌ ملڪ ۾ ڪو اهڙو سنڌي ڪاتب يا تاريخدان ئي نه هو جو کڻي تاريخ رقم ڪري ها، اهو ڪم به عربن کي ڪرڻو پيو، جن جي ڳالهه کي اسين مڃڻ لاء تيار ئي ناهيون.

هاڻ اهي سڀ ڳالهيون ٻڌڻ، پڙهڻ ۽ سمجھڻ کانپوء منهنجي سوچ جي سئي هڪ جاء تي اٽڪي بيٺي آهي ته، ڇا سنڌ جي تاريخ جو ڪو اهڙو ڪتاب اسانوٽ موجود آهي جنهن تي سنڌ جا سڀ عالم، اديب،تاريخدان ۽ مفڪر مُتفق هجن؟ ٻيو سوال هن بندي جي ڪچي ذهن ۾ اهو ٿو اُڀري اچي ته اها تاريخ جنهن تي ڪو متفق ئي ناهي ان کي پڙهڻ ۽ ان تي ٽيڪا ٽپڻي ڪرڻ جو ڪو فائدو به آهي؟ سنڌي نصابي ڪتابن ۾ ته راجا ڏاهر سان گڏوگڏ محمد بن قاسم جو به ذڪر آهي، پوء ڪهڙي خبر ته هيرو ڪير هو يا زيرو ڪير هو. يا ته هڪ ڀيرو ٻيهر جاکوڙ ڪري پنهنجي سنڌ امڙ جي تاريخ کي سڀني جي راء سان هڪ طرفو ڪري ۽ اعتراض جوڳن نُقطن جي تصحيح ڪري اڳتي وڌجي يا وري ان بحث مُباحثي ۾ وقت ضايع ڪرڻ کان بهتر آهي ته  ماٺڙي ڪري ڪنڊ وٺي صوم صلات تي ڌيان ڏيون ۽ جي پُڄي سگھي ته پنهنجي ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل لاء جاکوڙ ڪندا رهون.
http://dailymehran.net/?p=12270

No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو