Friday, July 19, 2013

پالو ڪوئلهو جي ناول “دي الڪيمسٽ” جو مختصر تعارف ۽ انجي سنڌي ترجمي ۾ فني ڪوتاهيون!روزاني مهراڻ

پالو ڪوئلهو جي ناول “The Alchemist” جو مختصر تعارف ۽ انجي سنڌي ترجمي ۾ فني ڪوتاهيون!

علمي، ادبي ۽ روحاني مَنڊلين ۾ پالو ڪوئلهو کي جديد دور جو زندهه درويش ڪوٺيو وڃي ٿو. سندس ناول                  “ڪيمانگر The Alchemist پڙهڻ کانپوء واقعي ان ڳالهه ۾ ڪو وڌاء محسوس نه ٿو ٿئي. هي ناول پُرتگالي ٻوليء مان انگريزيء ۾ ترجمو ٿيڻ کانپوء پوري دنيا ۾ مڃتا جي اوچائين تي پهچي ويو. گِنيز بُڪ آف ورلڊ رڪارڊز ۾ هن ڪتاب جو نالو دنيا جي سڀ کان وڌيڪ ترجمو ٿيندڙ ڪتاب جي طور تي شامل آهي. جنهن کانپوء اڄ تائين هي ڪتاب لڳ ڀڳ دنيا جي پنجهٺ ٻولين ۾ ترجمو ٿي چُڪو آهي، ۽ ڏهن سالن تائين آمريڪا ۾ بهترين وڪرو ٿيندڙ ڪتاب جو خطاب پڻ ماڻي چڪو آهي. سندس ٻين ناولن ۾؛
Eleven Minutes, By the River Piedra I Sat Down and Wept, Veronika Decides to Die, The Winner Stands Alone, Manual of the Warrior of Light, The Zahir, The Devil and Miss Prym, The Fifth Mountain, The Witch of Portobello, The Valkyries, Like the Flowing River,       آهن.Aleph, Brida,Life, Manuscript Found in Accra
 هَينري مِلر واري ڳالهه ته، “ الماڙيء ۾ رکيل ڪتابُ ناڪارا هٿيار وانگي آهي.” سو منهنجي لاء هي ڪتاب پڙهڻ کانپوء اهو نا ممڪن هو ته باقي ڪتابن وانگي هن ڪتاب کي به يا ته اڌ قيمت ۾ وڪرو ڪري نئون ڪتاب خريد ڪجي ها يا وري ڪتابن جي الماڙيء ۾ سجائي رکي ڇڏجي ها.  سو ٻه سال اڳ جڏهن هن ڪتاب کي پڙهڻ سان گڏوگڏ ترجمو ڪرڻ جو پڻ پڪو پهه ڪيم ته ذهن ۾ اها ئي ڳالهه هئي ته هن جهڙو ناياب ڪتاب اڃا تائين سنڌي ادب جو حصو ڇو نه بڻجي سگھيو آهي. هن ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ جو سبب منهنجي ان ڪيفيت ۾ وڃڻ جي ڪوشش پڻ هئي جنهن ڪيفيت ۾ اهو ڪتاب اصل ليکڪ لکيو آهي. ڪتاب جو ترجمو شروع ٿيو، پر بدقسمتي اها رهي ته صرف ڪجھ ئي صفحا ترجمو ڪرڻ کانپوء زماني جي لاهن چاڙهن جي ور چڙهي ويس، ۽ پورا ٻه سال اهو ڪتاب الماڙيء جي زينت بڻيو رهيو. ٻن سالن کانپوء ٻيهر ان ڪتاب پڙهڻ ۽ انکي ترجمو ڪرڻ جو شوق جاڳيو، ان جو سبب اهو هو ته هي اهو ڪتاب آهي جيڪو زندگيء جي ڀوڳنائن، ڪشالن ۽ تڪليفن کي سمجھڻ، انهن کي حل ڪرڻ ۽ انهن تي ثابت قدم رهڻ ۾ وڏي مدد ڪري ٿو. زندگيء جي چوواٽن ۾ ڀٽڪي ويل اهڙا ارواح جيڪي همت هاري ويٺا آهن ۽ پاڻ کي پنهنجي منزل ڳولڻ جي بدران زندگيء جي تيز وهڪري جي حوالي ڪري ڇڏيواٿن، انهن جي لاء هن ڪتاب ۾ رهنمائي آهي.
 هن ڪتاب ۾ ليکڪ جي ڪاريگريء جو هڪ بهترين انداز اهو آهي ته هن خيالي دنيا (Fantasy World) کي حقيقي دنيا (Real World) سان جهڙي طرح مطابقت ۾ رکيو آهي ان جو مثال Fantasy ياFiction  جي ڪنهن ٻئي ناول ۾ ورلي ملي ٿو. هونئن ته سڄو جو سڄو ڪتاب ڪنهن عجوبا کان گھٽ ناهي، اهو ئي سبب آهي جو ايترا سال گذرڻ کانپوء به ان ڪتاب جي ڇاپ پڙهندڙن جي دلين تي اُڪري چڪي آهي، سو هن ڪتاب جي هڪ اڌ جملي جو ترجمو پيش ڪندو هلجي، “ماڻهو چاهين ٿا ته اڳلو سندن مرضيء پٽاندڙ پاڻ ۾ تبديلي آڻي. پر جڏهن ڪو شخص سندن مرضيء تي نه ٿو هلي ته هو ڪاوڙجيو پون. هر ڪنهن کي اها چڱي ريت پروڙ آهي ته ٻين کي زندگي ڪيئن گذارڻ گھرجي، پر پنهنجي زندگي ڪيئن گذارجي اهو سوچڻ لاء ڪو به تيار ناهي.”  هن ناول جو تَتُ يا اصل مقصد ۽ بنياد هن جملي تي رکيو ويو آهي ته، “ جڏهن توهان ڪنهن شيء جي خواهش ڪيو ٿا ته، سموري ڪائنات ان کي ماڻڻ جي منصوبي ۾ اوهانجي واهَرَ ڪري ٿي.”
هاڻ اچجي اصل ڳالهه تي، جنهن جي لاء قلم کڻڻ جي ضرورت پيش پئي. جڏهن هن ڪتاب جو سنڌيء ۾ ترجمو پورو ڪرڻ وارو هئس ته اها خبر ملي ته هي ڪتاب اڳ ۾ ئي هڪ جوڌي جوان پاران سنڌيء ۾ ترجمو ٿي ڇپجي به چڪو آهي. اها ڳالهه ٻڌي مونکي ڪا تڪليف ڪو صدمو نه رسيو، پر سَرَهو ٿيس ته سنڌي ادب ۾ جنهن ناياب ڪتاب جي کوٽ محسوس ٿي رهي هئي سا هاڻ پوري ٿي. ان دوران ئي ان سنڌي ترجمي کي پڙهڻ جو موقعو مليو. پر اهو ترجمو پڙهندي مونکي اچرج به ٿيو ۽ مايوسي به ٿي. سنڌيڪار ڪتاب جي ڪردارن جا نالا مٽائڻ سان گڏو گڏ ٻيون به ڪيتريون ئي فَني ڪوتاهيون ڪيو آهن، جن سان ڪتاب جي اصل روح تائين پهچڻ ناممڪن آهي.
انهن مان ڪجھ غلطين جي وضاحت هت ڪرڻ ضروري ٿو سمجھان. هڪ ته ناول جي مکيه ڪردار جو نالو ناصر نه پر سانتياگو آهي، ٻيو ته سانتياگو جنهن بادشاهه سان مليو انجو نالو عبدالله نه پر مالڪي زيڊڪ هو. مالڪي زيڊڪ دراصل يهودين جي روحاني رهبرَ طور سڃاتو وڃي ٿو، جنهن کي عبدالله جو نالو ڏئي سنڌيڪار ڪهاڻيء جو پس منظر تبديل ڪرڻ سان گڏوگڏ ليکڪ جي ساک کي پڻ هاڃو رسائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. جڏهن ته هن ڪتاب کي اصل پُرتگالي ٻوليء مان انگريزي ٻوليء ۾ ترجمي ڪرڻ واري ايلن.آر.ڪليرڪ ڪتاب جي هڪ هڪ لفظ ۽ جُملي کي جيئن جو تيئن انگريزيء ۾ بيان ڪري پنهنجي ذميواري پوري ڪئي آهي . ترجمي ڪرڻ جو مقصد ئي اهو هوندو آهي ته اصلي ڪتاب ۾ بيان ڪيل حالتن، واقعن، جڳهين، ڪردارن کي سڌو سنئون ٻي ٻوليء ۾ منتقل ڪجي ته جيئن پڙهندڙن جي ذهن ۾ ڪتاب پڙهڻ کانپوء ان بابت ڪو حتمي نتيجو اخذ ڪرڻ کان پهريائين اهي سڀ شيون جيئين جو تيئن موجود هجن.
هڪ ٻي فَني غلطي جيڪا سنڌيڪار کان ٿي آهي، اها هن ريت آهي ته، ناول ۾ ٻن پٿرن (يُورِم ۽ ٿُومِم) جو ذڪر ٿيل آهي. عبراني ٻوليء ۾ يُورِم جو معنى آهي ‘روشني‘ ۽ ٿُومِم جي معنى آهي ‘ڪماليت’.  يهودي عقيدن جي مطابق هنن پٿرن کي الهامي پٿر سمجھيو وڃي ٿو ۽ يهودي  پادري (رَبي) خدا کان رهنمائي حاصل ڪرڻ لاء هنن جو استعمال ڪندا آهن. پر سنڌيڪار پنهنجي ترجمي ۾ انهن پٿرن کي اصل نالن جي بدران ياقوت ۽ مرجان ڪوٺيو آهي. جڏهن ته اصل ناول ۾ انهن پٿرن جو رنگ اڇو ۽ ڪارو آهي، ۽ ڪجھ تحقيق ڪرڻ کانپوء ان ڳالهه جي تصديق پڻ ٿي، پر سنڌيڪار جي ترجمي ۾ استعمال ٿيل ياقوت ته رنگ جو ڳاڙهو ٿئي ٿو. 
  ڪتاب جي نالي جي ترجمي ‘ڪيمياگر’ سان ڪو خاص اختلاف ناهي. پر، 1910 واري پرمانند ميوارام واري سنڌي لُغت جيڪا سنڌ جي علمي ۽ اَدبي وايي منڊل ۾ هڪ مُستَنَد سنڌي لُغت سمجھي وڃي ٿي ۽ انجو هڪ نُسخو بِرٽش ميوزيم ۾ پڻ رکيل آهي، ته اُن مطابق The Alchemist  جي معنى ڪيمياگر نه پر ڪيمانگر آهي. تنهنڪري  ڪيمانگر استعمال ڪرڻ سان ترجمي جي ساک قائم رهي سگھي ٿي.
اهڙيون ٻيون به ڪيتريون ئي فَني غلطيون ڪتاب جي ترجمي ۾ موجود آهن جن سان ليکڪ جو اصل پيغام پڙهڻ وارن تائين صحيح نموني نه پهچي سگھيو آهي. ان ترجمي مان اهو پڻ واضح ٿئي ٿو ته مُترجم ناول جو اصل پيغام پڙهندڙن تائين رسائڻ جي بجاء پنهنجو سنڌي ٻوليء تي اُبور پيش ڪيو آهي.  

هي سڀ ڳالهيون ڪرڻ جو مقصد سنڌيڪار يا پبلشر جي ساک کي هاڃو رسائڻ بالڪل ناهي، پر انهن مڙني سنڌيڪار دوستن ۽ پبلشرز جي لاء هٿ ٻڌي هڪ فقيراڻو عرض آهي ته مهرباني ڪري ٻاهرئين ادب جا بهترين ۽ گھڻي کان گھڻا ڪتاب سنڌي ٻوليء ۾ آندا وڃن، ته جيئن سنڌ جي ادبي، علمي، سياسي، سماجي ۽ روحاني ميدانن ۾ رهجي ويل خالَ ڀري سگھجن، پر انهن ڪتابن جي ڇاپڻ کان اڳ انهن جي ٿيل ترجمي جي مڪمل جاچ پڙتال ۽ اصل ڪتاب سان پوري پوري ڀيٽا ڪئي وڃي ۽ ترجمي ۾ ڪنهن به قسم جي ڦَير گھيرنه ڪئي وڃي ته جيئن اصل ليکڪ جي محنت اجائي نه وڃي. ٻيو ننڍڙو عرض انهن سنڌي نقاد دوستن کي به آهي ته مهرباني ڪري دوستي ياريء ۾ ونگار وهي هرو ڀرو پنهنجا قيمتي لفظ ضايع ڪرڻ کان چڱو آهي ته پنهنجي تنقيدي صلاحيتن جو گھيرو تنگ ۽ مضبوط رکيو وڃي ته جيئن پڙهندڙن کي ۽ سنڌ کي سٺي کان سٺا ليکڪ ۽ مترجم مهيا ٿي سگھن. ڇاڪاڻ جو سنڌي ادب کي هاڻ ڪوانٽٽي .
جي نه پر ڪوالٽيء جي ضرورت آهي


No comments:

جيڪڏهن ممڪن هجي ته پنهنجو تبصرو موڪليو

اهم اطلاع :- غير متعلق، غير اخلاقي ۽ ذاتيارت تي مشتمل تبصرن کان پرهيز ڪريو. انتظاميه اهڙي تبصري کي ختم ڪرڻ جو حق رکي ٿي. هوئن به خيالن جو متفق هجڻ ضروري ناهي.۔ جيڪڏهن توهان جي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ڪيبورڊ انسٽال ٿيل ناهي ته سنڌي ۾ تبصرو لکڻ لاءِ هيٺين خاني ۾ سنڌي لکي ڪاپي ڪريو ۽ تبصري واري خاني ۾ پيسٽ ڪري پبلش بٽڻ تي ڪلڪ ڪريو.۔
تبصرو موڪليو